نئين ڄاول ٻار جي مبينا غلط ويڪسين لڳڻ سبب فوتگي، وارثن جو احتجاج، ٽنڊوالهيار-شيخ ڀرڪيو روڊ بلاڪ

فہرستِ مضامین

بڪيرا شريف(رپورٽ: ماڻڪ حڪيم جروا): بڪيرا شريف ۾ نئين ڄاول ٻار جي مبينا فوتگي خلاف لنڊ برادري جي ماڻهن احتجاج ڪندي ٽنڊوالهيار-شيخ ڀرڪيو روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو، ٽائرن کي باهه ڏيڻ سبب ٽريفڪ جي رواني معطل ٿي وئي.

مليل ڄاڻ موجب 3 ڏينهن اڳ ڄاول ٻارڙي کي بڪيرا شريف جي پي پي ايڇ آءِ سينٽر ۾ پيدائشي ويڪسين لڳائي وئي، جنهن کانپوءِ ٻارڙي جي مبينا طور فوت ٿيڻ جو واقعو پيش آيو.

واقعي خلاف ٻارڙي جي وارثن ۽ لنڊ برادري جي ماڻهن مين ٽنڊوالهيار-شيخ ڀرڪيو روڊ تي احتجاج ڪيو ۽ ٽائرن کي باهه ڏئي روڊ بند ڪري ڇڏيو.

احتجاج ڪندڙ اظهر لنڊ، مظهر لنڊ، ڀورو لنڊ، وجاد لنڊ، بابلو لنڊ، نزاڪت لنڊ، مظفر لنڊ، راشد لنڊ ۽ ٻين جو چوڻ هو ته واقعي کي 24 ڪلاڪ گذري ويا آهن، پر پوليس طرفان اڃا تائين ڪا به ڪارروائي ناهي ڪئي وئي.

هنن چيو ته ٻارڙي جي فوتگي بابت ٿاڻي تي رپورٽ داخل ڪرائڻ باوجود لاڳاپيل ويڪسينيٽر خلاف ڪا ڪارروائي عمل ۾ نه آئي آهي، جڏهن ته انتظاميا طرفان پڻ وارثن سان رابطو ناهي ڪيو ويو.

احتجاج ڪندڙن مطالبو ڪيو ته ٻارڙي جي فوتگي واري واقعي جي شفاف جاچ ڪرائي ذميوارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي، ٻي صورت ۾ روڊ کولڻ کان انڪار ڪيو ويو.

ٻئي طرف پوليس عملدار احتجاج واري هنڌ پهچي مظاهرين سان ڳالهيون ڪيون ۽ کين يقين ڏياريو ته 24 ڪلاڪن اندر ڪارروائي ڪئي ويندي.

پوليس جي خاطري کانپوءِ احتجاج ڪندڙن روڊ کوليو، جنهن بعد ٽريفڪ جي رواني بحال ٿي وئي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں