سنڌ جي سرڪاري اسڪولن جي وقت ۾ هڪ ڪلاڪ گهٽتائي جو اعلان

فہرستِ مضامین

ڪراچي (بيورو رپورٽ): سنڌ جي تعليم واري وزير سيد سردار شاهه سرڪاري اسڪولن جي وقت ۾ هڪ ڪلاڪ گهٽتائي جو اعلان ڪري ڇڏيو.

سيد سردار شاهه چيو ته حالتن سبب هفتي جي موڪل ڪرڻي پئي، جنهن ڪري نصاب مڪمل ڪرڻ لاءِ اسڪولن جي وقت ۾ هڪ ڪلاڪ واڌ ڪئي وئي هئي، پر هاڻي اهو هڪ ڪلاڪ ٻيهر گهٽ ڪيو ويو آهي.

هن ٻڌايو ته تقريب دوران ٽن نياڻين اچي شڪايت ڪئي ته اسڪول منجهند اڍائي وڳي ختم ٿيڻ باوجود گهر پهچندي کين ٽي ٿي وڃن ٿا ۽ کين بک لڳي ٿي، جنهن تي هن اڄ کان ئي اسڪول جو وڌايل هڪ ڪلاڪ ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو.

تعليم واري وزير چيو ته ملڪ ۾ اسڪولن کان ٻاهر ٻارن جو انگ هڪ وڏو چئلينج آهي ۽ اسان اڃا تائين هڪجهڙي تعليمي پاليسي ٺاهڻ ۾ ڪامياب نه ٿي سگهيا آهيون.

سندس چوڻ هو ته ٻوڏ سبب سنڌ جي 20 هزار اسڪولن جون ڀتيون متاثر ٿيون، جڏهن ته لکين ٻارن کي ڪميونٽي بيسڊ تعليمي مرڪزن ذريعي تعليم ڏني پئي وڃي.

سيد سردار شاهه چيو ته پاڪستان دنيا ۾ تعليم تي سڀ کان گهٽ خرچ ڪندڙ ملڪن مان آهي، وفاقي حڪومت کي پي ايس ڊي پي ذريعي تعليمي مرڪزن لاءِ فنڊ فراهم ڪرڻ گهرجن. مهانگائي وڌڻ سبب تعليمي مرڪزن جا خرچ به وڌي ويا آهن.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں