ڪراچي: ڪي ايم سي هيڊ آفيس ۾ باهه، ميئر جو دفتر مڪمل طور سڙي ويو

فہرستِ مضامین

ڪراچي (بيورو رپورٽ): ايم اي جناح روڊ تي واقع ڪراچي ميٽروپوليٽن ڪارپوريشن (ڪي ايم سي) جي هيڊ آفيس ۾ اوچتو باهه لڳي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ ميئر ڪراچي جو دفتر مڪمل طور سڙي رک ٿي ويو.

فائر بريگيڊ اختيارين موجب، باهه ميئر ڪراچي جي آفيس سان لڳ ڪچن ۾ لڳي، جيڪا تيزي سان پکڙجي وئي ۽ آفيس کي به پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو. اطلاع ملڻ تي فائر بريگيڊ جون 3 گاڏيون پهتيون ۽ ڪارروائي ڪري باهه تي ضابطو آندو.

اختيارين موجب واقعي ۾ ڪنهن به قسم جو جاني نقصان نه ٿيو، جڏهن ته آفيس اندر موجود سامان ۽ ٻيو قيمتي مواد سڙي ويو. باهه لڳڻ جا فوري طور سبب معلوم نه ٿي سگهيا، واقعي جي جاچ جاري آهي.

واضح رهي ته ڪراچي ۾ گذريل ڏينهن به لانڍي پروسيسنگ زون ۾ ڪپڙي جي هڪ فيڪٽري ۾ وڏي باهه لڳي هئي، جنهن سبب عمارت ۽ سامان کي سخت نقصان پهتو هو.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں