ايراني جوهري معاملو سلامتي ڪائونسل ڏانهن، بحران جا ٽي ممڪن منظرناما ڪهڙا آهن؟

فہرستِ مضامین

رياض (انٽرنيشنل ڊيسڪ): ايران جي جوهري پروگرام تي عالمي دٻاءُ هڪ ڀيرو ٻيهر وڌڻ جا امڪان پيدا ٿي ويا آهن، آمريڪا ۽ يورپي ٽرائيڪا يعني برطانيا، فرانس ۽ جرمني ايراني جوهري معاملو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل تائين کڻي وڃڻ لاءِ سرگرم آهن. ماهرن موجب اهو قدم ايران تي سياسي ۽ سفارتي دٻاءُ وڌائي سگهي ٿو، پر معاملو سلامتي ڪائونسل ۾ وڃڻ سان فوري طور نيون پابنديون يا فوجي ڪارروائي لازمي نه ٿيندي.

ايراني جوهري پروگرام بابت سڀ کان وڏو خدشو هن وقت بين الاقوامي ايٽمي توانائي ايجنسي (IAEA) جي نگراني ۽ تصديق جي محدود ٿيندڙ صلاحيت آهي. ايجنسي اهم ايراني جوهري هنڌن تائين ٻيهر رسائي حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام رهي آهي، جنهن سبب ايران جي جوهري سرگرمين ۽ افزودہ يورينيم جي ذخيرن بابت مڪمل ۽ قابلِ اعتماد معلومات حاصل ڪرڻ وڌيڪ ڏکيو ٿي ويو آهي.

رپورٽن موجب جنگ کان اڳ ايران وٽ 60 سيڪڙو تائين افزودہ ڪيل 440.9 ڪلوگرام يورينيم موجود هو. 60 سيڪڙو تائين افزودگي کي اعليٰ سطح سمجهيو وڃي ٿو، جنهن کي وڌيڪ افزودگي ذريعي فوجي استعمال جي سطح جي ويجهو آڻي سگهجي ٿو.

سلامتي ڪائونسل ڏانهن معاملو وڃڻ جو مطلب ڇا آهي؟

ايراني جوهري معاملو سلامتي ڪائونسل ۾ کڻي وڃڻ سان مسئلو رڳو ايران، ايٽمي ايجنسي ۽ مغربي ملڪن وچ ۾ اختلاف تائين محدود نه رهندو، پر اهو عالمي امن ۽ سلامتي جي ذميوار گڏيل قومن جي اهم اداري جي سطح تي پهچي ويندو.

تنهن هوندي به سلامتي ڪائونسل ڏانهن رجوع ڪرڻ جو مطلب پاڻمرادو نيون پابنديون لاڳو ٿيڻ يا فوجي ڪارروائي شروع ٿيڻ ناهي. اصل سوال اهو آهي ته عالمي دٻاءُ ايران کي ڳالهين جي ميز تي واپس آڻيندو يا تهران وڌيڪ سخت موقف اختيار ڪندي ايٽمي ايجنسي سان سهڪار وڌيڪ گهٽائي ڇڏيندو.

روس ۽ چين جو ڪردار اهم

هن سڄي صورتحال ۾ روس ۽ چين جو موقف انتهائي اهم هوندو، ڇاڪاڻ ته ٻئي ملڪ سلامتي ڪائونسل جا مستقل ميمبر آهن ۽ انهن وٽ ويٽو جو اختيار موجود آهي.

ماسڪو ۽ بيجنگ ماضي ۾ ايران بابت مغربي قدمن جي قانوني ۽ طريقيڪار واري بنياد تي اعتراض ڪندا رهيا آهن. جيڪڏهن ٻنهي ملڪن سلامتي ڪائونسل ۾ نون قدمن جي مخالفت ڪئي ته ايران خلاف ڪنهن به نئين پابندي واري قدم کي اڳتي وڌائڻ وڌيڪ پيچيده ٿي سگهي ٿو.

ان صورتحال ۾ آمريڪا ۽ يورپي ملڪن کي پابندين جي نئين قرارداد منظور ڪرائڻ کانسواءِ به سياسي فائدو حاصل ٿي سگهي ٿو، ڇاڪاڻ ته ايران جو جوهري پروگرام سلامتي ڪائونسل جي بحث جو مرڪز بڻجي ويندو ۽ تهران تي وسيع بين الاقوامي دٻاءُ وڌي سگهي ٿو.

سنيپ بيڪ ميڪانيزم سان معاملو وڌيڪ وچڙندڙ

ايراني جوهري بحران ۾ سنيپ بيڪ ميڪانيزم به اهم حيثيت رکي ٿو. 2015ع جي جوهري معاهدي ۾ شامل هن طريقيڪار تحت ايران پاران جوهري واعدن جي ڀڃڪڙي جي صورت ۾ گڏيل قومن جون اڳوڻيون پابنديون ٻيهر بحال ڪري سگهجن ٿيون.

برطانيا، فرانس ۽ جرمني 2025ع ۾ هن ميڪانيزم کي فعال ڪرڻ لاءِ قدم کنيا هئا، جنهن تي ايران، روس ۽ چين قانوني بنيادن بابت اعتراض ڪيو هو. يورپي ملڪ پابندين جي بحالي بابت پنهنجي موقف تي قائم آهن، جنهن سبب سلامتي ڪائونسل اندر قانوني ۽ سفارتي تڪرار وڌيڪ وڌڻ جو امڪان آهي.

نيون پابنديون ايران تي ڪيترو اثر وجهنديون؟

جيڪڏهن نيون پابنديون لاڳو به ٿين ٿيون ته انهن جو معاشي اثر اڳوڻين پابندين جي ڀيٽ ۾ مختلف ٿي سگهي ٿو، ڇاڪاڻ ته ايران اڳ ئي آمريڪي ۽ مغربي پابندين جي وڏي دائري ۾ آهي.

ان ڪري نون قدمن جي اصل اهميت شايد فوري معاشي نقصان کان وڌيڪ سياسي ۽ سفارتي هجي. انهن ذريعي ايران تي بين الاقوامي دٻاءُ وڌائڻ، عالمي سطح تي گڏيل موقف قائم ڪرڻ ۽ تهران لاءِ سياسي ۽ قانوني قيمت وڌائڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي سگهي ٿي.

دٻاءُ ايران کي وڌيڪ سخت موقف ڏانهن به وٺي وڃي سگهي ٿو

تجزيه نگارن موجب وڌندڙ دٻاءُ لازمي طور ايران کي ڳالهين تي واپس آڻيندو، اها ضمانت موجود ناهي. جيڪڏهن تهران محسوس ڪيو ته سلامتي ڪائونسل ڏانهن معاملو موڪلڻ جو مقصد صرف دٻاءُ وڌائڻ آهي ۽ ان جي بدلي ۾ ڳالهين يا پابندين ۾ گهٽتائي جو ڪو واضح رستو موجود ناهي، ته ايران ايٽمي ايجنسي سان تعاون گهٽائي سگهي ٿو.

اهڙي صورتحال ۾ عالمي برادري لاءِ ايران جي جوهري پروگرام جي نگراني وڌيڪ ڏکي ٿي سگهي ٿي ۽ ايٽمي سرگرمين بابت غير يقيني صورتحال وڌڻ جو خدشو پيدا ٿيندو.

سڀ کان وڏو مسئلو نگراني جو

موجوده بحران ۾ سڀ کان حساس معاملو صرف پابنديون نه، پر ايران جي جوهري پروگرام بابت قابلِ اعتماد نگراني ۽ تصديق آهي.

جيڪڏهن IAEA کي اهم جوهري هنڌن تائين مڪمل رسائي حاصل نه رهي ته عالمي برادري لاءِ ايران وٽ موجود جوهري مواد، ان جي هنڌ ۽ حقيقي صورتحال بابت مڪمل تصوير حاصل ڪرڻ مشڪل رهندي. ماهرن موجب اهڙي صورتحال ۾ ڪنهن به نئين ڇڪتاڻ جا خطرا وڌيڪ وڌي سگهن ٿا.

پهريون منظرنامو: ڳالهين ڏانهن واپسي

ايران عالمي دٻاءُ کي ڳالهين لاءِ استعمال ڪري سگهي ٿو ۽ ايٽمي ايجنسي سان تعاون بحال ڪرڻ، معائنن جي اجازت ڏيڻ ۽ يورينيم افزودگي بابت ڪجهه قابلِ تصديق حدون قبول ڪرڻ جي بدلي ۾ پابندين ۾ گهٽتائي يا سفارتي رليف حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري سگهي ٿو.

اهو رستو ايٽمي نگراني بحال ڪرڻ ۽ وڌيڪ ڇڪتاڻ کي روڪڻ لاءِ سڀ کان سفارتي حل ٿي سگهي ٿو.

ٻيون منظرنامو: سخت موقف

ٻئي طرف ايران سلامتي ڪائونسل ڏانهن معاملو موڪلڻ کي دٻاءُ ۽ پوئتي هٽڻ تي مجبور ڪرڻ جي ڪوشش قرار ڏئي سگهي ٿو. اهڙي صورت ۾ تهران ايٽمي ايجنسي سان تعاون گهٽائڻ يا پنهنجي جوهري سرگرمين کي وڌيڪ سخت رخ ڏيڻ جو فيصلو ڪري سگهي ٿو.

ان سان پابندين، ڌمڪين ۽ جوابي قدمن جو هڪ نئون چڪر شروع ٿيڻ جو خدشو هوندو.

ٽيون منظرنامو: سلامتي ڪائونسل ۾ ڊگهو تعطل

ٽيون امڪان اهو آهي ته معاملو سلامتي ڪائونسل تائين ته پهچي وڃي، پر روس ۽ چين جي اعتراضن سبب نون قدمن تي اتفاق نه ٿي سگهي.

اهڙي صورتحال ۾ ايران هڪ طرف پابندين ۽ سفارتي دٻاءُ کي منهن ڏيندو رهندو، جڏهن ته ٻئي طرف سندس جوهري پروگرام بابت عالمي نگراني محدود رهڻ سبب غير يقيني صورتحال برقرار رهندي.

بحران جو مستقبل ڳالهين ۽ نگراني سان ڳنڍيل

ايراني جوهري معاملو سلامتي ڪائونسل تائين پهچڻ جي اهميت رڳو نيون پابنديون لاڳو ڪرڻ تائين محدود ناهي. اصل سوال اهو آهي ته عالمي دٻاءُ ايران کي ڳالهين، شفافيت ۽ ايٽمي نگراني ڏانهن واپس آڻڻ ۾ ڪامياب ٿئي ٿو يا صورتحال وڌيڪ ڇڪتاڻ طرف وڃي ٿي.

جيڪڏهن دٻاءُ کي ڳالهين ۽ پابندين ۾ گهٽتائي جي واضح رستي سان ڳنڍيو وڃي ته اهو ايران کي سفارتي ميز تي واپس آڻڻ جو ذريعو بڻجي سگهي ٿو، پر جيڪڏهن معاملو صرف پابندين ۽ دٻاءُ تائين محدود رهيو ته تهران جي سخت موقف اختيار ڪرڻ ۽ جوهري پروگرام بابت عالمي غير يقيني صورتحال وڌڻ جو خطرو موجود رهندو.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں