ڪراچي (بيورو رپورٽ): ڪراچي ۾ ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ (سي ٽي ڊي) حساس اداري سان گڏ ڪارروائي ڪندي پابندي مڙهيل دهشتگرد تنظيم سپاهِ محمد سان لاڳاپيل هڪ گهربل دهشتگرد کي گرفتار ڪري ورتو آهي.
سي ٽي ڊي ترجمان موجب گرفتار جوابدار جو نالو سي ٽي ڊي جي ريڊ بڪ ۾ شامل هو، جڏهن ته سندس قبضي مان هٿيار پڻ هٿ ڪيا ويا آهن.
ترجمان ٻڌايو ته گرفتار جوابدار ٻيهر پنهنجو دهشتگرد نيٽ ورڪ منظم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو. شروعاتي جاچ دوران جوابدار طرفان دهشتگردي ۽ ٽارگيٽ ڪلنگ جي مختلف واقعن ۾ ملوث هجڻ جو اعتراف ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي.
سي ٽي ڊي موجب گرفتار دهشتگرد پنهنجي ساٿين سان گڏجي پهريان هدفن جي ريڪي ڪندو هو ۽ ان کانپوءِ انهن کي نشانو بڻايو ويندو هو.
ترجمان جو چوڻ آهي ته گرفتار جوابدار خلاف ڪراچي جي مختلف ٿاڻن ۾ ٽارگيٽ ڪلنگ جا ڪيس پڻ داخل ٿيل آهن.
سي ٽي ڊي جو چوڻ آهي ته گرفتار جوابدار کان وڌيڪ پڇا ڳاڇا جاري آهي، جڏهن ته سندس ٻين ساٿين ۽ مبينا دهشتگرد نيٽ ورڪ تائين پهچڻ لاءِ وڌيڪ ڪارروايون پڻ جاري آهن.
اختيارين موجب جاچ دوران جوابدار کان اهم ڄاڻ حاصل ٿيڻ جي اميد آهي، جنهن جي بنياد تي نيٽ ورڪ سان لاڳاپيل ٻين ماڻهن خلاف پڻ ڪارروائي ڪئي ويندي.