نئين دهلي (انٽرنيشنل ڊيسڪ) ڀارت ۾ ”ڪاڪروچ جنتا پارٽي“ نالي نوجوانن جي هڪ انوکي احتجاجي تحريڪ تيزي سان مقبول ٿي رهي آهي، جيڪا سرڪاري امتحانن ۾ مبينا پيپر ليڪ، بيروزگاري ۽ تعليمي نظام جي ناڪامين خلاف آواز اٿاري رهي آهي. تحريڪ جو نعرو “ڀارتي ڪاڪروچ اسان کان ڪجهه سکڻ گهرجن” سوشل ميڊيا تي وڏي پيماني تي وائرل ٿي ويو آهي.
هن تحريڪ جي شروعات تڏهن ٿي، جڏهن ڀارت جي چيف جسٽس هڪ عدالتي ڪارروائي دوران ڪجهه بيروزگار نوجوانن کي طنزيه انداز ۾ ”ڪاڪروچ“ سان تشبيهه ڏني. نوجوانن ان لفظ کي پنهنجي سڃاڻپ بڻائي احتجاجي تحريڪ شروع ڪئي ۽ پاڻ کي ”ڪاڪروچ جنتا پارٽي“ سڏڻ لڳا.
احتجاج ڪندڙن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن کين ”ڪاڪروچ“ چيو وڃي ٿو ته پوءِ هو اهڙي سماج ۾ پنهنجي حقن لاءِ وڙهندا رهندا. سندن نعرو “ڀارتي ڪاڪروچ اسان کان ڪجهه سکڻ گهرجن” ان ڳالهه ڏانهن اشارو آهي ته هو هر دٻاءُ باوجود پنهنجي جدوجهد جاري رکندا.
تحريڪ جو بنيادي مطالبو ميڊيڪل داخلا واري NEET امتحان ۾ مبينا پيپر ليڪ جي ذميوارن خلاف ڪارروائي ۽ تعليم واري وزير ڌرميندر پردھان جي استعيفيٰ آهي. احتجاج ڪندڙن جو چوڻ آهي ته امتحاني نظام ۾ ڪرپشن لکين شاگردن جو مستقبل داءَ تي لڳائي ڇڏيو آهي.
گذريل ڏينهن هزارين نوجوان نئين دهلي ۾ پارليامينٽ ڏانهن مارچ ڪيو، جتي پوليس کين روڪڻ لاءِ آنسو گيس، لٺبازي ۽ گرفتارين جو سهارو ورتو. ڪيترائي مظاهرين زخمي ٿيا، جڏهن ته ڪيترن ئي اڳواڻن کي حراست ۾ ورتو ويو.
هوڏانهن ڀارت جي حڪومت چيو آهي ته امتحاني نظام ۾ سڌارا آندا ويندا ۽ شاگردن جا خدشا ٻڌا ويندا، جڏهن ته تعليم واري وزير پارليامينٽ ۾ به ان معاملي تي بحث لاءِ تياري ظاهر ڪئي آهي.
سياسي مبصرن جو چوڻ آهي ته ”ڪاڪروچ جنتا پارٽي“ شروعات ۾ رڳو سوشل ميڊيا تي طنزيه مهم هئي، پر هاڻي اها نوجوانن جي وڏي احتجاجي تحريڪ ۾ تبديل ٿي چڪي آهي، جيڪا وزيراعظم نريندر مودي جي حڪومت لاءِ هڪ نئون سياسي چئلينج بڻجي رهي آهي.