لائیو نئون ماڻڪ واھ تي مبينا غير قانوني رڪاوٽون، پوڇڙ جي آبادگار جو احتجاج

فہرستِ مضامین

ٽنڊوباگو (رپورٽ: بلاول پٺاڻ) ٽنڊوباگو ڀرسان نئون ماڻڪ واھ جي پوڇڙ تائين پاڻي نه پهچڻ ۽ واھ جي منڍ تي مبينا طور غير قانوني ڳنڍا، ڇاٻا ۽ لفٽ مشينون لڳائي پاڻي روڪڻ خلاف آبادگارن جي شڪايت تي آبپاشي کاتي ڪارروائي شروع ڪري ڇڏي آهي.

ايڊووڪيٽ فهيم خاصخيلي جي درخواست تي سيشن جج بدين جي حڪم موجب آبپاشي کاتي جي سب ڊويزن تلھار پاران نئون ماڻڪ واھ تي قائم غير قانوني رڪاوٽن کي هٽائڻ لاءِ آپريشن ڪيو ويو.

هوڏانهن پوڇڙ جي آبادگارن ڏاڏاو نظاماڻي، فياض خاصخيلي، غلام شبير جمالي، فرقان آرائين، جمن لنڊ، ابراهيم لنڊ، مختيار ملاح ۽ مولوي آصف جمالي جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪندي الزام هنيو ته نئون ماڻڪ واھ جي پوڇڙ تائين پاڻي نه پهچڻ سبب سندن لکين رپين جو ساريال جو ٻيجارو سڙي تباهه ٿي ويو آهي.

احتجاج ڪندڙن چيو ته آبپاشي کاتي کي بار بار شڪايتون ڪرڻ باوجود ڪو تدارڪ نه ڪيو ويو، جنهن بعد مجبور ٿي سيشن جج بدين جي عدالت سان رجوع ڪيو ويو.

آبادگارن الزام هنيو ته عدالتي حڪم باوجود آبپاشي کاتي جو آپريشن رڳو ڏيکاءُ آهي، ڇو ته واھ جي منڍ تي بااثر ماڻهن جون مبينا غيرقانوني لفٽ مشينون، ڳنڍا ۽ ڇاٻا هٽائڻ بدران غريب آبادگارن جا واٽر ڪورس بند ڪيا پيا وڃن.

هنن وڌيڪ الزام هنيو ته پاڻي جي شديد کوٽ سبب سوين ايڪڙ زرعي زمين غيرآباد ٿي چڪي آهي، مال اڃ ۽ بک سبب مرڻ جي ڪناري تي آهي، جڏهن ته علائقي جا رهواسي پيئڻ جي پاڻي کان به محروم بڻيل آهن.

احتجاج ڪندڙن دعويٰ ڪئي ته بااثر زميندار مبينا طور آبپاشي کاتي جي ڪجهه عملدارن سان ملي ڀڳت ڪري پنهنجي زمينن تائين پاڻي پهچائي رهيا آهن، جڏهن ته پوڇڙ جا آبادگار پاڻي جي هڪ ڦڙي لاءِ به پريشان آهن.

هنن پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، وڏي وزير سنڌ سيد مراد علي شاهه، صوبائي وزير آبپاشي، سيشن جج بدين ۽ ڊپٽي ڪمشنر بدين کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو شفاف نوٽيس وٺي نئون ماڻڪ واھ جي پوڇڙ تائين پاڻي جي بنا رڪاوٽ فراهمي يقيني بڻائي وڃي ۽ غيرقانوني رڪاوٽن خلاف بنا امتياز ڪارروائي ڪئي وڃي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں