ڪراچي (بيورو رپورٽ): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان ملائيشيا جي نئين قونصل جنرل محمد يونس ابراهيم ملاقات ڪئي، جنهن دوران پاڪ-ملائيشيا لاڳاپن، واپار، سيڙپڪاري، سياحت ۽ ثقافت سميت مختلف شعبن ۾ ٻطرفي سهڪار وڌائڻ تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
سيد مراد علي شاهه ملائيشيا جي نئين قونصل جنرل کي مقرري تي مبارڪباد ڏيندي سنڌ ۾ سندس آجيان ڪئي ۽ سنڌ حڪومت طرفان هر ممڪن سهڪار جي خاطري ڪرائي.
ملاقات دوران سنڌ ۽ ملائيشيا وچ ۾ معاشي ۽ واپاري لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو. وڏي وزير ملائيشيا جي سيڙپڪارن کي سنڌ جي اڀرندڙ مارڪيٽ ۾ سيڙپڪاري جا موقعا مان فائدو وٺڻ جي دعوت پڻ ڏني.
ملائيشيا جي قونصل جنرل سنڌ حڪومت جي سيڙپڪاري وڌائڻ وارن قدمن، خاص طور تي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ جي منصوبن کي ساراهيو ۽ تعاون جاري رکڻ جي خاطري ڪرائي.
ملاقات ۾ سياحت ۽ ثقافت جي شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ تي پڻ اتفاق ڪيو ويو.
ملائيشيا جي قونصل جنرل محمد يونس ابراهيم ٻڌايو ته ڪراچي کان ڪوالالمپور لاءِ سڌيون پروازون شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
هن چيو ته ڪراچي ۽ ڪوالالمپور وچ ۾ سڌيون پروازون شروع ٿيڻ سان واپارين کي سهولت ملندي ۽ پاڪستان ۽ ملائيشيا وچ ۾ ٻطرفي واپار کي وڌيڪ هٿي ملندي.