ممبئي (شوبز ڊيسڪ): بالي ووڊ اداڪارا شردها ڪپور جون مبينا بواءِ فرينڊ ۽ اسڪرين رائٽر پروڊيوسر راهول مودي سان گڏ موڪلن جون تصويرون سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ويون آهن، جن کانپوءِ ٻنهي جي لاڳاپن بابت هڪ ڀيرو ٻيهر بحث شروع ٿي ويو آهي.
ڀارتي ميڊيا موجب شردها ڪپور عام طور تي پنهنجي ذاتي زندگي کي ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا کان پري رکندي آهي، پر تازو هن پرڏيهه ۾ موڪلن دوران ڪجهه تصويرون انسٽاگرام تي شيئر ڪيون.
تصويرن ۾ شردها ڪپور ۽ راهول مودي کي گڏجي ماني کائيندي، ڪتاب پڙهندي ۽ سير ڪندي ڏسي سگهجي ٿو.
اداڪارا پنهنجي پوسٽ جي ڪيپشن ۾ لکيو: ”ننڍيون موڪلون ته ٿيڻ گهرجن نه.“
شردها ڪپور ۽ راهول مودي جي لاڳاپن جون خبرون پهريون ڀيرو 2024ع ۾ سامهون آيون هيون، جڏهن ته ان کان اڳ به ٻنهي بابت مختلف افواهون ميڊيا ۾ گردش ڪنديون رهيون آهن.
تازو تصويرن سامهون اچڻ کانپوءِ مداحن ۾ شردها ڪپور ۽ راهول مودي جي رشتي بابت ٻيهر دلچسپي وڌي وئي آهي.