اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): ملڪ ۾ ڪڻڪ جي ضرورت پوري ڪرڻ ۽ صوبن جي طلب کي نظر ۾ رکندي وفاقي حڪومت 7 لک 50 هزار ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ درآمد ڪرڻ جي باقاعده منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ڪڻڪ جي درآمد لاءِ ٽريڊنگ ڪارپوريشن آف پاڪستان (TCP) عالمي ٽينڊر پڻ جاري ڪري ڇڏيو آهي.
ٽي سي پي موجب درآمد ڪئي ويندڙ ڪڻڪ تازي فصل مان حاصل ڪيل هجڻ لازمي هوندي، جڏهن ته عالمي سپلائرز طرفان گهٽ ۾ گهٽ 50 هزار ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ جي آڇ قبول ڪئي ويندي.
ٽينڊر تحت ڪڻڪ ڪراچي ۽ گوادر بندرگاهن تي CFR بنياد تي پهچائي ويندي. ڪڻڪ جي درآمد لاءِ ٻوليون 16 سيپٽمبر تائين جمع ڪرائي سگهبيون، جڏهن ته ساڳئي ڏينهن ٻوليون کوليون وينديون.
حڪومت موجب درآمد ٿيندڙ ڪڻڪ صوبن جي ضرورت ۽ طلب کي نظر ۾ رکندي ورهائي ويندي، جنهن تحت سنڌ کي 3 لک ٽن، پنجاب کي 2 لک 50 هزار ٽن ۽ خيبرپختونخوا کي 2 لک ٽن ڪڻڪ فراهم ڪئي ويندي.
اقتصادي سروي 2025-26 جي انگن اکرن موجب پاڪستان ۾ ڪڻڪ جي سالياڻي کپت لڳ ڀڳ 3 ڪروڙ 13 لک ٽن آهي، جڏهن ته گذريل مالي سال ملڪ ۾ ڪڻڪ جي پيداوار 2 ڪروڙ 96 لک 10 هزار ٽن رهي.