لائیو ٽرمپ انتظاميا جو وڏو مطالبو، جنگ لاءِ 87 ارب ڊالر گهرجن، سينيٽ ۾ احتجاج

فہرستِ مضامین

واشنگٽن: ايران سان جاري فوجي ڇڪتاڻ سبب آمريڪي دفاعي خرچن ۾ وڏي واڌ کانپوءِ ٽرمپ انتظاميا ايندڙ فوجي ڪاررواين ۽ دفاعي ضرورتن لاءِ ڪانگريس کان وڌيڪ 87 ارب ڊالر جي اضافي فنڊز جي درخواست ڪري ڇڏي آهي.

آمريڪي وزير دفاع پيٽ هيگسيٿ سينيٽ جي فنڊز مختص ڪندڙ ڪميٽي کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته ايران سان جاري فوجي آپريشنن تي هيل تائين 37.5 ارب ڊالر خرچ ٿي چڪا آهن، جنهن ۾ 30 سيپٽمبر تائين جا امڪاني خرچ به شامل آهن.

هن چيو ته موجوده عالمي حالتن ۾ دفاعي بجيٽ گهٽائڻ بدران آمريڪي فوج جي صلاحيت وڌائڻ جي ضرورت آهي، ٻي صورت ۾ ملڪ کي سنگين سيڪيورٽي چئلينجن کي منهن ڏيڻو پئجي سگهي ٿو.

وزير دفاع خفيه سيڪيورٽي بريفنگ کانپوءِ سينيٽ جي بجيٽ ڪميٽي آڏو اضافي فنڊز جي باضابطا درخواست پڻ پيش ڪئي.

هوڏانهن پيٽ هيگسيٿ جي سينيٽ ڪميٽي ۾ پيشي دوران مظاهرين احتجاج ڪندي ايران ۽ فلسطين ۾ بمباري بند ڪرڻ جا نعرا هنيا. احتجاج سبب اجلاس جي ڪارروائي ڪيترائي ڀيرا روڪڻي پئي، جڏهن ته مظاهرين کي هٽائڻ لاءِ پوليس کي طلب ڪيو ويو.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں