لائیو نيويارڪ جي ميئر ظهران ممداني جو ٽرمپ حڪومت کان نيتن ياهو جي گرفتاري جو مطالبو

فہرستِ مضامین

نيويارڪ: نيويارڪ جي ميئر ظهران ممداني آمريڪي وفاقي حڪومت کان اسرائيلي وزيراعظم بنيامين نيتن ياهو کي گرفتار ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي.

سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل وڊيو بيان ۾ ظهران ممداني چيو ته نيويارڪ سٽي وٽ نيتن ياهو کي گرفتار ڪرڻ جو قانوني اختيار موجود ناهي، جڏهن ته اهو اختيار آمريڪي وفاقي حڪومت وٽ آهي.

هن آمريڪي حڪومت تي زور ڏنو ته اها بين الاقوامي فوجداري عدالت (ICC) سان سهڪار ڪندي نيتن ياهو خلاف جاري گرفتاري وارنٽ تي عملدرآمد ڪري.

ظهران ممداني چيو ته هو آءِ سي سي پاران جاري ڪيل گرفتاري وارنٽ سان اتفاق ڪري ٿو، جڏهن ته نيويارڪ سٽي انتظاميا قانوني جائزي کانپوءِ ان نتيجي تي پهتي آهي ته شهر جي انتظاميا وٽ نيتن ياهو کي گرفتار ڪرڻ جو اختيار موجود ناهي.

ميئر وڌيڪ الزام هنيو ته نيتن ياهو فلسطيني عوام خلاف جنگي ڏوهن ۽ نسل ڪشي جو ذميوار آهي ۽ چيو ته “نيتن ياهو کي نيويارڪ ۾ ڀليڪار نه ڪيو ويندو.”

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں