لائیو پنجاب ۽ خيبرپختونخوا ۾ برساتن جون تباھڪاريون، مختلف حادثن ۾ 23 ڄڻا فوت

فہرستِ مضامین

لاهور / پشاور: ملڪ جي مختلف علائقن ۾ مون سون برساتن جو سلسلو جاري آهي، جڏهن ته پنجاب ۽ خيبرپختونخوا ۾ تيز برساتن سبب ڇتين ۽ ڀتين ڪرڻ، ڪرنٽ لڳڻ ۽ ٻوڏ واري ريلن جي نتيجي ۾ وڏو جاني ۽ مالي نقصان ٿيو آهي.

صوبائي ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (پي ڊي ايم اي) موجب، پنجاب ۾ برساتن سبب پيش آيل مختلف حادثن ۾ 9 ڄڻا فوت ۽ ڪيترائي زخمي ٿيا آهن. لاهور، پاڪپتن، گجرات، سيالڪوٽ، گوجرانوالا، ساهيوال، منڊي بهاوالدين ۽ ٻين شهرن ۾ ڇتيون ۽ ڀتيون ڪرڻ جا ڪيترائي واقعا رپورٽ ٿيا آهن.

هوڏانهن خيبرپختونخوا ۾ به برساتن ۽ اوچتين ٻوڏن سبب 14 ڄڻا فوت ۽ 19 زخمي ٿي پيا آهن. فوتين ۾ 6 مرد، 6 ٻار ۽ 2 عورتون شامل آهن.

پي ڊي ايم اي موجب، صوبي ۾ هيل تائين 28 گهر متاثر ٿيا آهن، جن مان 6 مڪمل طور ڊهي پيا آهن، جڏهن ته 22 گهرن کي جزوي نقصان پهتو آهي.

رپورٽ موجب، حادثا پشاور، نوشهره، خيبر، مردان، بونير، باجوڙ، شانگلا، صوابي، چترال، دير، ايبٽ آباد، مانسهره، تورغر، ڪرم ۽ اتر وزيرستان سميت مختلف ضلعن ۾ پيش آيا.

پي ڊي ايم اي جو چوڻ آهي ته متاثر علائقن ۾ ريسڪيو 1122، ضلعي انتظاميا ۽ امدادي ادارا امدادي سرگرمين ۾ مصروف آهن، جڏهن ته پنجاب ۾ 24 جولاءِ ۽ خيبرپختونخوا ۾ 23 جولاءِ تائين وڌيڪ برساتن جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي.

ملڪ جي مختلف علائقن ۾ برساتن جو سلسلو جاري، سنڌو درياءَ ۾ چشمه ۽ جناح بئراج وٽ ٻوڏ

گوجرانوالا ۾ لاڳيتي برسات سبب مختلف هيٺاهين وارن علائقن ۾ پاڻي بيهجي ويو آهي، جنهن ڪري شهرين کي سخت مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. ميٽرو منصوبي واري جي ٽي روڊ تي پاڻي ۽ گپ جمع ٿيڻ سبب ٽريفڪ جي رواني به سخت متاثر ٿي آهي، جڏهن ته واسا جي کوٽاين سبب به شهرين جون پريشانيون وڌي ويون آهن.

گذريل ڏينهن برسات دوران پيش آيل مختلف حادثن ۾ 8 ڄڻا فوت ۽ 13 زخمي ٿي پيا هئا. موسميات کاتي موجب پنجاب، خيبرپختونخوا، آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۾ وڌيڪ برساتن جو امڪان آهي.

هوڏانهن تازين طوفاني برساتن کانپوءِ سنڌو درياءَ ۾ پاڻي جي وهڪري ۾ واڌ سبب چشمه ۽ جناح بئراج وٽ هيٺين درجي جي ٻوڏ اچي وئي آهي.

ارسا ذريعن موجب، چشمه بئراج وٽ پاڻي جي آمد 2 لک 77 هزار ڪيوسڪ ۽ اخراج 2 لک 65 هزار ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو آهي، جڏهن ته پاڻي جي سطح 647 فوٽ تائين پهچي وئي آهي.

وڌندڙ پاڻي جي وهڪري کي نظر ۾ رکندي چشمه بئراج جا سڀئي گيٽ کوليا ويا آهن، جڏهن ته لاڳاپيل ادارا صورتحال تي ويجهي نظر رکي رهيا آهن.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں