واشنگٽن: آمريڪي اخبار وال اسٽريٽ جرنل دعويٰ ڪئي آهي ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سعودي عرب سان سول جوهري پروگرام بابت معاهدي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.
رپورٽ موجب، ان معاهدي تحت سعودي عرب کي توانائي جي شعبي ۾ آمريڪي جوهري ٽيڪنالاجي تائين رسائي حاصل ٿيندي، جنهن سان ملڪ جي سول نيوڪليئر پروگرام کي هٿي ملندي.
وال اسٽريٽ جرنل موجب، آمريڪا ۽ سعودي عرب وچ ۾ جوهري سهڪار وارو معاهدو 30 سالن جي مدي تي ٻڌل هوندو، جڏهن ته ان جي ماليت ڪيترن ئي ارب ڊالرن تائين هجڻ جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي.
آمريڪي اختيارين جو چوڻ آهي ته هن معاهدي کانپوءِ سعودي عرب ۾ مستقبل ۾ يورينيم افزودگي جا دروازا به کلي سگهن ٿا.
واضح رهي ته هن معاملي بابت آمريڪي اخبار دعويٰ ڪئي آهي، جڏهن ته ٻنهي حڪومتن طرفان ان جي مڪمل تفصيل بابت باضابطا بيان سامهون ناهي آيو.