آمريڪا طرفان 85 پاڪستاني شاگردن ۽ محققن کي فل برائيٽ اسڪالرشپ فراهم

فہرستِ مضامین

اسلام آباد: آمريڪا 85 پاڪستاني شاگردن ۽ محققن کي فل برائيٽ اسڪالرشپ فراهم ڪري ڇڏيون آهن، جن جي ذريعي هو آمريڪي يونيورسٽين ۾ اعليٰ تعليم حاصل ڪندا.

يو ايس اي ايف پي موجب، هن سال 71 ماسٽرز، 14 پي ايڇ ڊي ۽ 6 فل برائيٽ فارن لينگويج ٽيچنگ اسسٽنٽ فيلوشپس ڏنيون ويون آهن.

اداري موجب چونڊيل پاڪستاني شاگرد آمريڪا جي مختلف يونيورسٽين ۾ ماسٽرز ۽ پي ايڇ ڊي جي تعليم حاصل ڪندا.

يو ايس اي ايف پي جو چوڻ آهي ته فل برائيٽ پروگرام آمريڪا ۽ پاڪستان جي حڪومتن جي گڏيل سهڪار سان جاري آهي.

انگن اکرن موجب 2005ع کان هينئر تائين 3 هزار کان وڌيڪ پاڪستاني شاگرد هن پروگرام تحت اسڪالرشپس حاصل ڪري چڪا آهن.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں