لائیو 15 هزار 264 ارب رپين جو ٽيڪس هدف حاصل ڪرڻ لاءِ مصنوعي ذهانت تي ٻڌل حڪمت عملي تيار

فہرستِ مضامین

اسلام آباد: 15 هزار 264 ارب رپين جي ٽيڪس هدف حاصل ڪرڻ لاءِ ايف بي آر مصنوعي ذهانت (AI) تي ٻڌل نئين حڪمت عملي تيار ڪري ورتي آهي۔

ايف بي آر جي چيئرمين راشد محمود لنگڙيال موجب معيشت جي مختلف شعبن، جن ۾ پگهاردار طبقو، برآمد ڪندڙ ۽ ريئل اسٽيٽ سيڪٽر شامل آهن، کي ٽيڪس رليف ڏيڻ، سپر ٽيڪس ختم ڪرڻ يا ان ۾ مناسب تبديليون آڻڻ ۽ ريٽيلرز لاءِ فڪسڊ ٽيڪس اسڪيم متعارف ڪرائڻ باوجود، ايف بي آر ٽيڪس معاملن جي نبيرڻ لاءِ هڪ ڊجيٽل الگورٿمڪ سيٽلمينٽ ميڪينزم هلائيندو۔

هن چيو ته ايف بي آر هر مهيني جنرل سيلز ٽيڪس (GST) جي جاچ پڙتال ڪندو، جنهن سان ايندڙ مالي سال دوران مجموعي ٽيڪس وصولين ۾ واڌ ٿيڻ جي اميد آهي۔

چيئرمين ايف بي آر وڌيڪ چيو ته معاشي اشاريه، جن ۾ جي ڊي پي جي واڌ جي شرح، خاص طور وڏي پيماني جي صنعتن (LSM) جي ڪارڪردگي ۽ صارف قيمت اشاريه (CPI) تي ٻڌل مهانگائي شامل آهن، ايندڙ مالي سال ۾ گهربل ٽيڪس هدف حاصل ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا۔

سندس چوڻ هو ته حڪومت آءِ ايم ايف ۽ پارليامينٽ جي ميمبرن کي آگاهه ڪيو هو ته نفاذ، تعميل، پاليسي قدمن ۽ ٽيڪس شرحن ۾ واڌ سميت 26 مختلف قدمن ذريعي مالي سال 2026-27 دوران اضافي هڪ هزار 20 ارب رپيا حاصل ڪيا ويندا۔

هن ٻڌايو ته ايف بي آر جاري مالي سال جون 2026 جي پڄاڻي تائين پنهنجي وصولين جو هدف گهٽائي 12 هزار 983 ارب رپيا مقرر ڪيو آهي۔ شروعات ۾ پارليامينٽ جي منظوري سان ساليانو هدف 14 هزار 130 ارب رپيا رکيو ويو هو، جيڪو پوءِ گهٽائي 13 هزار 979 ارب رپيا ۽ بعد ۾ وڌيڪ گهٽائي 12 هزار 983 ارب رپيا ڪيو ويو۔

راشد محمود لنگڙيال چيو ته حڪومت 30 جون 2026 تي ختم ٿيندڙ مالي سال لاءِ آءِ ايم ايف سان 12 هزار 961 ارب رپين جو هدف طئي ڪيو هو۔

ايندڙ مالي سال جي هدف بابت سوال جي جواب ۾ چيئرمين ايف بي آر چيو ته آءِ ايم ايف پروگرام تحت ڪجهه شعبن تي ٽيڪس جو بار گهٽايو ويو آهي، جيڪو حڪومت ۽ ايف بي آر جي ان صلاحيت کي ظاهر ڪري ٿو ته هو مؤثر نفاذ ۽ بهتر تعميل ذريعي 15 هزار 264 ارب رپين جو هدف حاصل ڪري سگهن ٿا۔

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں