تهران: ايراني صدر مسعود پزشڪيان چيو آهي ته فوج دشمن جا اندازا غلط ثابت ڪري ڇڏيا آهن۔
هڪ تقريب کي خطاب ڪندي صدر مسعود پزشڪيان چيو ته قومي اتحاد خطي ۾ ايران جي باوقار حيثيت جو سبب آهي، جڏهن ته اتحاد ۽ يڪجهتي ٻاهرين چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ اڻٽر آهن۔
سندس چوڻ هو ته ايران کي خطي ۾ هڪ اثرائتي طاقت طور تسليم ڪيو وڃي ٿو۔ دشمنن جو خيال هو ته فوجي ۽ سياسي دٻاءَ ذريعي هو ڪجهه ڏينهن اندر پنهنجا مقصد حاصل ڪري وٺندا، پر ايراني هٿياربند فوجن مزاحمت ذريعي سندن سڀ اندازا غلط ثابت ڪري ڇڏيا۔
ايراني صدر وڌيڪ چيو ته مسلم دنيا ۾ اتحاد اڳ کان وڌيڪ مضبوط ٿي رهيو آهي، جڏهن ته پاڪستان، عراق، لبنان سميت خطي جي ڪيترن ئي ملڪن جا عوام ايراني قوم سان يڪجهتي جو اظهار ڪري رهيا آهن۔