ترڪي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) محبت ۾ عمر جي وڏي فرق بابت هڪ دلچسپ معاملو سامهون آيو آهي، جتي ترڪي جي شهر مردين سان تعلق رکندڙ 21 ورهين جي نوجوان محمد 80 ورهين جي اطالوي عورت سان شادي ڪري ورتي آهي. ٻنهي جي عمر ۾ 59 ورهين جو فرق هجڻ سبب سوشل ميڊيا تي بحث شروع ٿي ويو آهي.
رپورٽن موجب، نوجوان محمد جو چوڻ آهي ته سندس رشتو سچي محبت تي ٻڌل آهي. هو پنهنجي گهرواريءَ کي ترڪي وٺي وڃڻ ۽ اتي روايتي انداز ۾ شاديءَ جون تقريبون منعقد ڪرڻ جو خواهشمند آهي.
ٻئي پاسي، شاديءَ کانپوءِ اطالوي شهريت حاصل ڪرڻ جي ممڪن فائدن بابت به سوشل ميڊيا تي مختلف سوال اٿاريا پيا وڃن. ڪجهه صارفين اهو سوال ڪيو آهي ته ڇا هي رشتو رڳو محبت تي ٻڌل آهي يا ان ۾ اميگريشن جا فائدا به شامل آهن.
رپورٽن موجب، هن وقت تائين جوڙي جي ذاتي مقصدن يا شهريت بابت دعوائن جي تصديق نه ٿي سگهي آهي.