ڳڙهي ياسين (رپورٽ: مسلم چانڊيو) ڳڙهي ياسين ۾ ميمڻ برادري سان تعلق رکندڙ سوين ڳوٺاڻن پنهنجي برادري جي ڪجهه ماڻهن خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ۽ جوابدارن جي گرفتاري جو مطالبو ڪيو.
احتجاج ڪندڙن ۾ نياز علي ميمڻ، لعل محمد ميمڻ، عابد علي ميمڻ ۽ ٻيا شامل هئا، ھنن چيو ته ڪجهه ڏينهن اڳ سندن سليم ميمڻ واري ڌر سان جهيڙو ٿيو، جنهن دوران سندن ٻه نوجوان راحيل ميمڻ ۽ شيراز علي ميمڻ زخمي ٿي پيا.
هنن چيو ته واقعي جو ڪيس لاڳاپيل ٿاڻي تي داخل ڪرايو ويو آهي، پر ان باوجود پوليس اڃا تائين نامزد جوابدارن کي گرفتار ناهي ڪيو.
احتجاج ڪندڙن ايس ايس پي شڪارپور کان مطالبو ڪيو ته واقعي جو نوٽيس وٺي جوابدارن کي فوري گرفتار ڪري کين انصاف فراهم ڪيو وڃي.