گورنر راڄ جو فيصلو اڳ ئي ٿي چڪو هو، ڳالهيون رڳو ڏيکاءُ هيون: اسد قيصر جو انڪشاف

فہرستِ مضامین

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي سينيئر اڳواڻ اسد قيصر دعويٰ ڪئي آهي ته خيبرپختونخوا ۾ گورنر راڄ ۽ ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ جو فيصلو گهڻو اڳ ئي ٿي چڪو هو، جڏهن ته حڪومت پاران ڳالهين جو عمل رڳو ڏيکاءَ لاءِ ڪيو ويو.

خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي اسد قيصر چيو ته پي ٽي آءِ جي لانگ مارچ بابت حقيقتون معلوم ڪرڻ لاءِ فيڪٽ فائنڊنگ ڪميٽي ٺاهڻ تي غور ڪيو پيو وڃي.

هن چيو ته ڪور ڪميٽي جي اجلاس ۾ سلمان اڪرم راجا، وڏي وزير سهيل آفريدي کي لانگ مارچ جي ناڪاميءَ جو ذميوار قرار نه ڏنو. سندس چوڻ هو ته سوشل ميڊيا تي گردش ڪندڙ ڳالهين ۾ ڪا حقيقت ناهي.

اسد قيصر موجب، ڪور ڪميٽي جي اجلاس ۾ علي امين گنڊاپور پڻ موجود هو.

پي ٽي آءِ اڳواڻ دعويٰ ڪئي ته گورنر راڄ ۽ ايمرجنسي بابت فيصلو اڳ ئي ٿي چڪو هو ۽ حڪومت پاران ڳالهين جو عمل صرف ڏيکاءَ لاءِ ڪيو ويو.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں