ڪي اليڪٽرڪ جي بجلي ٽيرف ۾ 19 سيڪڙو گهٽتائي برقرار، ڇا ڪراچي جي صارفين کي بلن ۾ رليف ملندو؟

فہرستِ مضامین

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ڪراچي جي بجلي صارفين لاءِ ٽيرف ۾ گهٽتائي باوجود بلن ۾ فوري رليف نه ملڻ جو معاملو سامهون آيو آهي. نيپرا ڪي اليڪٽرڪ جي بنيادي ٽيرف ۾ 19 سيڪڙو گهٽتائي برقرار رکندي ڪمپني جي اپيل رد ڪري ڇڏي آهي.

نيپرا جي فيصلي کانپوءِ ڪي اليڪٽرڪ جو بنيادي ٽيرف 32.37 رپيا في يونٽ برقرار رهندو، جيڪو 2025ع ۾ منظور ٿيل 39.97 رپيا في يونٽ جي ڀيٽ ۾ 7.60 رپيا گهٽ آهي. تنهن هوندي به هن فيصلي جو ڪراچي جي لڳ ڀڳ 35 لک صارفين جي بجلي جي بلن تي سڌو فائدو نه پوندو.

نئين ٽيرف ۾ بجلي جي خريداري لاءِ تقريبن 27.83 رپيا، ٽرانسميشن لاءِ 2.40 رپيا ۽ ورڇ جي خرچن لاءِ 2.90 رپيا في يونٽ شامل آهن، جڏهن ته سپلاءِ خرچن ۾ تقريبن 0.78 رپيا في يونٽ جي ڪريڊٽ رقم پڻ شامل ڪئي وئي آهي.

ڪي اليڪٽرڪ ٽيرف ۾ گهٽتائي واري فيصلي کي چئلينج ڪندي اپيل داخل ڪئي هئي، پر اپيليٽ ٽربيونل ڪمپني جي اپيل رد ڪري ڇڏي.

ياد رهي ته 27 مئي 2025ع تي نيپرا ڪي اليڪٽرڪ جي ٽيرف ۾ 6.15 رپيا في يونٽ واڌ جي منظوري ڏني هئي، جنهن کانپوءِ مالي سال 2023-24 لاءِ ڪمپني جو ٽيرف 39.97 رپيا في يونٽ مقرر ٿيو هو.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں