ڪوٽڙي (رپورٽ سميع خان) سنڌ ترقي پسند پارٽي ضلعي ڄامشورو پاران ڊسٽرڪٽ هيڊ ڪوارٽر (ڊي ايڇ ڪيو) اسپتال ڪوٽڙي ۾ مبينا ڪرپشن، دوائن جي کوٽ، مريضن سان مبينا بدسلوڪي ۽ بنيادي طبي سهولتن جي اڻاٺ خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، جيڪا اسٽيشن روڊ کان ٿيندي اسپتال جي مک گيٽ آڏو پهتي، جتي ڪارڪنن ۽ شهرين ڌرڻو هڻي سخت نعريبازي ڪئي.
احتجاجي ريلي ۾ سياسي ڪارڪنن، شهرين ۽ پارٽي اڳواڻن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ۽ صحت کاتي کان اسپتال جي معاملن جو فوري نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو.
ان موقعي تي ايس ٽي پي اڳواڻن منٺار ڇڇر، يونس اوٺو، امجد مستوئي ۽ ٻين خطاب ڪندي الزام هنيو ته ڊي ايڇ ڪيو اسپتال ڪوٽڙي ۾ دوائن، طبي سهولتن ۽ عملي جي ڪارڪردگي بابت سنگين مسئلا موجود آهن، جڏهن ته اسپتال جي ميڊيڪل سپرنٽنڊنٽ برڪت لغاري جي دور ۾ ڪروڙين رپين جي مبينا ڪرپشن ٿي رهي آهي.
هنن مطالبو ڪيو ته اسپتال ۾ ٿيل مبينا مالي بي ضابطگين جي اعليٰ سطحي جاچ ڪرائي وڃي ۽ ايم ايس کي عهدي تان هٽائي شفاف جاچ ڪئي وڃي.
ايس ٽي پي اڳواڻن جو چوڻ هو ته اسپتال ۾ غريب مريض سخت تڪليفن کي منهن ڏئي رهيا آهن، جڏهن ته ايڪسري، الٽراسائونڊ ۽ ٻين بنيادي طبي سهولتن جي کوٽ آهي. هنن الزام هنيو ته ڊاڪٽر سرڪاري دوائن بدران مريضن کي ٻاهرين ميڊيڪل اسٽورن تان دوائون خريد ڪرڻ لاءِ پرچيون لکي ڏئي رهيا آهن، جنهن سبب غريب مريض وڌيڪ پريشان ٿي رهيا آهن.
هنن وڌيڪ چيو ته ضلعي جي وڏي اسپتال هجڻ باوجود ايمبولينس جي کوٽ آهي، جنهن سبب فوتين جا لاش به چنگچي رڪشن ذريعي منتقل ڪرڻا پون ٿا، جيڪا صحت کاتي لاءِ انتهائي افسوسناڪ صورتحال آهي.
احتجاج ڪندڙن ڊي جي هيلٿ سنڌ کان مطالبو ڪيو ته ڊي ايڇ ڪيو اسپتال ڪوٽڙي ۾ مبينا ڪرپشن، انتظامي بي ضابطگين ۽ طبي سهولتن جي کوٽ جو فوري نوٽيس وٺي ذميوارن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي.
ايس ٽي پي اڳواڻن خبردار ڪيو ته جيڪڏهن سندن مطالبا تسليم نه ڪيا ويا ته ايندڙ مرحلي ۾ ڊي جي هيلٿ آفيس آڏو ڌرڻو هنيو ويندو، جيڪو مطالبن جي مڃتا تائين جاري رهندو.