ڪراچي (بيورو رپورٽ): منگھوپير ۾ گهر اندر ڦر دوران مزاحمت ڪرڻ تي هٿياربندن جي فائرنگ سان 15 ورهين جو ميٽرڪ جو شاگرد مارجي ويو، مقتول روشم 8 ڀينرن جو اڪيلو ڀاءُ هو، جڏهن ته وارثن جوابدارن جي فوري گرفتاري جو مطالبو ڪيو آهي.
پوليس موجب واقعو منگھوپير جي اجتماع گاهه مهراڻ سٽي واري علائقي ۾ پيش آيو، جتي هٿياربند ڦر جي ارادي سان هڪ گهر ۾ داخل ٿيا.
مقتول جي والد روئيداد حسين ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته 6 هٿياربند جوابدار گهر ۾ داخل ٿيا، جن مان 2 ڄڻا پوليس جي وردي ۾ هئا.
مقتول جي والد موجب جوابدارن جي گهر ۾ داخل ٿيڻ تي هو پنهنجي ڪمري مان ٻاهر نڪتو، جڏهن ته ٻئي ڪمري مان سندس پٽ روشم به ٻاهر آيو.
سندس چوڻ موجب جوابدارن اوچتو فائرنگ شروع ڪري ڏني، جنهن دوران روشم جي سيني ۾ گولي لڳي ۽ هو موقعي تي ئي فوت ٿي ويو.
پوليس موجب روشم جي عمر 15 سال هئي ۽ هو ميٽرڪ جو شاگرد هو. مختلف رپورٽن موجب هو پوزيشن هولڊر شاگرد پڻ هو ۽ 8 ڀينرن جو اڪيلو ڀاءُ هو.
مقتول جي والد جو الزام آهي ته علائقي ۾ گذريل ڪجهه هفتن کان پوليس جي وردي پاتل جوابدارن پاران وارداتون ڪيون پيون وڃن ۽ پوليس کي اڳ ئي انهن واقعن بابت آگاهه ڪيو ويو هو.
والد اعليٰ پوليس اختيارين کان مطالبو ڪيو ته سندس پٽ جي قتل ۾ ملوث جوابدارن کي فوري طور گرفتار ڪري قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي ۽ علائقي ۾ پوليس جي وردي استعمال ڪري وارداتون ڪندڙ گروهه خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي.