ڪراچي: عورت ۽ ٽن ٻارن جو قاتل مقتولا جي مڙس جو ڀيڻيويو نڪتو

فہرستِ مضامین

ڪراچي (بيورو رپورٽ) سرجاڻي ٽائون جي سيڪٽر 7-D ۾ عورت ۽ سندس ٽن ٻارن جي قتل ڪيس ۾ پوليس اهم اڳڀرائي ڪندي مقتولا جي مڙس جي ڀيڻيوئي کي حراست ۾ وٺي ورتو آهي. ڊي آءِ جي ويسٽ موجب، جاچ دوران ڄاڻ ملي آهي ته جوابدار واقعي واري ڏينهن گهر آيو هو ۽ قتل کانپوءِ مبينا طور قتل ۾ استعمال ٿيل اوزار نالي ۾ اڇلائي ڇڏيو.

ڊي آءِ جي ويسٽ موجب، جوابدار همايون مقتولا جي مڙس جو رشتيدار هو، جنهن سبب سندس گهر اچ وڃ هئي. پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار عورت سان مبينا زيادتي جي ڪوشش ڪئي، مزاحمت تي راڊ سان وار ڪيو ۽ پوءِ سريي سان قتل ڪيو.

پوليس موجب، جوابدار شام تقريبن 6 وڳي گهر کان ويندي مبينا قتل ۾ استعمال ٿيل اوزار نالي ۾ اڇلائي ڇڏيو، جنهن جي ڳولا جاري آهي.

واضح رهي ته سومر جي رات سرجاڻي ٽائون جي سيڪٽر 7-D ۾ گهر مان هڪ عورت ۽ ٽن ٻارن جا لاش مليا ھئا، جڏهن ته چئني ڄڻن جي تدفين اڱاري جي شام ڪئي وئي.

پوليس مقتولا مهويش جي مڙس دانش، پاڙي وارن، مائٽن ۽ ٻين ماڻهن کان معلومات حاصل ڪئي، جنهن کانپوءِ جاچ جي بنياد تي جوابدار تائين پهچڻ ۽ کيس حراست ۾ وٺڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي.

پوليس موجب واقعي جي وڌيڪ جاچ جاري آهي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں