ڪراچي (بيورو رپورٽ) ڪراچي جي شاهه لطيف ٽائون ۾ معصوم نينگري سان مبينا نازيبا حرڪت جي وڊيو وائرل ٿيڻ کانپوءِ پوليس ڪارروائي ڪندي جوابدار خالد محمود کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري ورتو. پوليس موجب مبينا مقابلي دوران جوابدار کان غيرقانوني هٿيار ۽ روڪ رقم پڻ هٿ ڪئي وئي آهي.
پوليس موجب ملير شاهه لطيف ٽائون جي ريڊيو پاڪستان گرائونڊ ۾ پوليس ۽ جوابدار وچ ۾ مبينا مقابلو ٿيو، جنهن دوران ٻنهي پاسن کان فائرنگ ٿي.
پوليس جو چوڻ آهي ته فائرنگ جي نتيجي ۾ جوابدار خالد محمود زخمي ٿي پيو، جنهن کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو.
پوليس موجب جوابدار وٽان غيرقانوني هٿيار ۽ روڪ رقم پڻ هٿ ڪئي وئي آهي.
پوليس ٻڌايو ته ڪجهه ڏينهن اڳ معصوم نينگري سان مبينا نازيبا حرڪت جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي هئي، جنهن ۾ جوابدار کي مبينا طور اهڙي حرڪت ڪندي ڏٺو ويو هو.
پوليس موجب گرفتار جوابدار جو اڳوڻو ڪرمنل رڪارڊ پڻ حاصل ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته واقعي بابت وڌيڪ جاچ جاري آهي.