ڪراچي (بيورو رپورٽ) ڪراچي جي سائيٽ ايريا ۾ حبيب چوڪ وٽ گارمينٽس فيڪٽري جي ٻي ماڙ تي لڳل باھ تي فائر بريگيڊ 4 ڪلاڪن جي سخت جدوجهد کانپوءِ ضابطو آڻي ورتو، جڏھن تہ واقعي ۾ ڪو بہ جاني نقصان نہ ٿيو.
چيف فائر آفيسر محمد همايون موجب فيڪٽري جي ٻي ماڙ تي باھ لڳي، جتي پلاسٽڪ، رٻڙ ۽ ٻين ڪيميڪلز جي موجودگي سبب باھ جي شدت وڌي وئي. فيڪٽري ۾ گهڻو ڪري فيبرڪ، پلاسٽڪ ۽ فائبر مان تيار ٿيندڙ سامان موجود هو.
فائر آفيسر موجب باھ تي ضابطو آڻڻ کانپوءِ فيڪٽري ۾ ڪولنگ جو عمل جاري آهي، جڏھن تہ واقعي ۾ ڪنهن بہ جاني نقصان جي رپورٽ ناهي.
فائر بريگيڊ اختيارين موجب باھ وسائڻ لاءِ 12 فائر ٽينڊر، هڪ اسنارڪل ۽ 3 واٽر باؤزر استعمال ڪيا ويا، جڏھن تہ پاڻي جي کوٽ پوري ڪرڻ لاءِ واٽر ڪارپوريشن جا ٽينڪر پڻ پهتا.
واٽر ڪارپوريشن جي ترجمان موجب فائر بريگيڊ کي مجموعي طور هڪ لک 50 هزار گيلن پاڻي فراهم ڪيو ويو.
ريسڪيو اختيارين جو چوڻ آهي تہ فيڪٽري ۾ باھ لڳڻ جا سبب اڃا تائين سامھون نہ اچي سگهيا آهن.