نئين دهلي (انٽرنيشنل ڊيسڪ): ڀارت جي رياست اڙيسا جي ضلعي ڪندهمال ۾ مسيحي برادري خلاف ٿيل خونريز فسادن کي 18 سال مڪمل ٿي ويا آهن، پر متاثر مسيحي خاندان اڃا تائين انصاف جا منتظر آهن.
25 آگسٽ 2008ع تي شروع ٿيل انهن فسادن دوران ڪندهمال ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ مسيحي برادري خلاف وڏي پيماني تي تشدد جا واقعا رپورٽ ٿيا هئا. رپورٽن موجب، ڪيترائي مسيحي مارجي ويا، هزارين ماڻهو پنهنجا گهر ڇڏي بي گهر ٿيا، جڏهن ته ڪيترائي ڳوٺ ۽ عبادتگاهون به ساڙيون ويون.
رپورٽن مطابق، ڪيترن ئي ڏينهن تائين جاري رهندڙ تشدد دوران سَينڪن مسيحي ڳوٺن ۽ سوين چرچن کي باهه ڏني وئي، جڏهن ته لڳ ڀڳ 75 هزار ماڻهو بي گهر ٿيڻ تي مجبور ٿيا.
انساني حقن بابت مختلف رپورٽن ۾ عورتن خلاف جنسي تشدد، خاندانن کي ساڙڻ ۽ مسيحين کي مبينا طور زبردستي مذهب تبديل ڪرائڻ جا الزام پڻ سامهون آيا. ڪجهه متاثر خاندانن جو چوڻ آهي ته تشدد کانپوءِ به کين ڊگهي عرصي تائين پنهنجي گهرن ڏانهن واپس وڃڻ ۽ زندگي ٻيهر شروع ڪرڻ ۾ ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پيو.
ڪندهمال فسادن بابت رپورٽن ۾ مختلف هندوتوا تنظيمن جي ڪارڪنن تي تشدد ۾ ملوث هجڻ جا الزام لڳايا ويا هئا. انساني حقن جي تنظيمن ۽ عالمي برادري طرفان به انهن واقعن تي ڳڻتي ۽ مذمت جو اظهار ڪيو ويو.
انهن واقعن دوران ڪيترن ئي متاثرن انصاف لاءِ عدالتن جو رخ ڪيو. ڪجهه ڪيسن ۾ جوابدارن خلاف ڪارروائي ٿي، جڏهن ته ٻين ڪيسن ۾ ثبوتن جي کوٽ سبب جوابدارن جي بري ٿيڻ جون رپورٽون پڻ سامهون آيون.
مسيحي برادري سان لاڳاپيل تنظيمن جو چوڻ آهي ته 18 سال گذرڻ باوجود ڪيترن ئي متاثر خاندانن کي مڪمل انصاف نه ملي سگهيو آهي ۽ تشدد دوران ٿيل نقصان، بي گهر ٿيڻ ۽ انساني حقن جي ڀڃڪڙين بابت اڃا به سوال موجود آهن.
ڪندهمال سانحي جي 18هين ورسي جي موقعي تي متاثر خاندانن ۽ انساني حقن جي تنظيمن ٻيهر مطالبو ڪيو آهي ته تشدد جي سڀني واقعن جي شفاف جاچ ڪئي وڃي، متاثرن کي انصاف فراهم ڪيو وڃي ۽ ذميوارن جو قانون موجب احتساب ڪيو وڃي.