لاهور: پنجاب جي آبپاشي کاتي موجب ڀارت سلال ڊيم جا سمورا گيٽ کولي ڇڏيا آهن، جنهن کانپوءِ درياءِ چناب ۾ پاڻي جي سطح وڌڻ شروع ٿي وئي آهي.
آبپاشي کاتي سيالڪوٽ ۽ وزيرآباد جي علائقن ۾ ٻوڏ واري صورتحال کي نظر ۾ رکندي هاءِ الرٽ جاري ڪري ڇڏيو آهي.
پنجاب آبپاشي کاتي موجب، سلال ڊيم جا گيٽ کولڻ سبب درياءِ چناب ۾ پاڻي جي وهڪري ۾ تيزي اچڻ جو امڪان آهي.
وزيرآباد جي اسسٽنٽ ڪمشنر جواد پيرزادو ٻڌايو ته ايندڙ 48 ڪلاڪن دوران ٻوڏ وارو وهڪرو درياءِ چناب ۾ وزيرآباد وٽ پهچڻ جو امڪان آهي.
هن چيو ته پي ڊي ايم اي پاران وڏي ٻوڏ بابت اطلاع ڏنو ويو آهي، جڏهن ته ڀارت کان وڏي پاڻي جي وهڪري اچڻ جو خدشو ظاهر ڪيو ويو آهي.
لاڳاپيل ادارن صورتحال کي نظر ۾ رکندي حفاظتي انتظامن ۽ نگراني جو عمل تيز ڪري ڇڏيو آهي.