اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) پي ٽي آءِ لانگ مارچ جي سلسلي ۾ گرفتار ڪارڪنن کي عدالت مان وڏو رليف ملي ويو آهي. اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت گرفتار سمورن ڪارڪنن کي ڪيسن مان ڊسچارج ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.
دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج ابوالحسنات محمد ذوالقرنين ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران پي ٽي آءِ ڪارڪنن جا وڪيل سردار محمد مصروف، مرتضيٰ طوري ۽ زاهد بشير ڊار عدالت ۾ پيش ٿيا. ان موقعي تي جاچ آفيسر پاران سڃاڻپ پريڊ لاءِ مهلت ڏيڻ جي درخواست پڻ داخل ڪئي وئي.
ٻڌڻي دوران وڪيل سردار محمد مصروف موقف اختيار ڪيو ته گرفتار ڪارڪنن کي 40 ڏينهن کان وڌيڪ عرصو گذري چڪو آهي، پر هر ٻڌڻي تي پوليس مهلت گهري ٿي ۽ ڪارڪنن کي عدالت ۾ پيش به نٿو ڪيو وڃي.
وڪيل مرتضيٰ طوري چيو ته سمورا ڪارڪن بيگناهه آهن ۽ کين ڄاڻي واڻي گرفتار ڪيو ويو آهي. جڏهن ته وڪيل زاهد بشير ڊار عدالت کي گذريل ٻڌڻيءَ جي حڪم تي عمل ڪرائڻ جي درخواست ڪئي.
وڪيلن جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ عدالت سندن استدعا منظور ڪندي پي ٽي آءِ جي سمورن گرفتار ڪارڪنن کي لاڳاپيل ڪيسن مان ڊسچارج ڪرڻ جو حڪم ڏنو.
واضح رهي ته پي ٽي آءِ ڪارڪنن کي ٿاڻي شاليمار ۽ سيڪريٽريٽ ۾ داخل ڪيسن جي سلسلي ۾ سڃاڻپ پريڊ لاءِ جوڊيشل تحويل ۾ ڏنو ويو هو.