وزيراعظم جي صلاحڪار سينيٽر راڻا ثناءُالله چيو آهي ته جيڪڏهن خيبرپختونخوا حڪومت پنهنجو آئيني ۽ قانوني ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار ٿي وڃي ها ته عبوري نظام جي ضرورت ئي نه پوي ها، پر پي ٽي آءِ اڃا به آئيني ۽ قانوني ڪردار ادا ڪري ته ان بابت سوچي سگهجي ٿو.
خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي راڻا ثناءُالله چيو ته دهشتگردي خلاف قوم متحد نه ٿي ۽ وفاقي توڙي صوبائي حڪومتن جي پاليسي هڪ نه رهي ته ملڪ جي وجود کي خطرو ٿي سگهي ٿو.
هن چيو ته جڏهن پي ٽي آءِ جو باني وزيراعظم هو ته هن مخالف ڌر جي اڳواڻ کي فون ڪرڻ به مناسب نه سمجهيو، جڏهن ته موجوده وزيراعظم ايوان ۾ اچڻ وقت مخالف ڌر جي اڳواڻ سان هٿ ملائيندو آهي. سندس چوڻ هو ته مخالف ڌر پنهنجي روين سبب نقصان کڻي رهي آهي.
راڻا ثناءُالله چيو ته کيس پي ٽي آءِ باني جي ڀينرن کي نظر بند ڪرڻ تي پاڻ به افسوس آهي، پر لانگ مارچ بابت سندن بيانن ۽ گورنر هائوس تي چڙهائي ڪرڻ جي ڳالهين سبب صورتحال کي ڪنٽرول ۾ رکڻ لاءِ نظر بندي ضروري هئي.
هن خبردار ڪيو ته جيڪڏهن دهشتگردي جو فوري خاتمو نه آندو ويو ۽ قوم سميت وفاقي توڙي صوبائي حڪومتون هڪ گڏيل پاليسي تي متحد نه ٿيون ته پاڪستان جي سلامتي کي خطرو ٿي سگهي ٿو.
وزيراعظم جي صلاحڪار وڌيڪ چيو ته ڀارت هاڻي پاڪستان سان روايتي جنگ نٿو وڙهي سگهي ۽ خطي جا ملڪ پاڪستان کي سلامتي فراهم ڪندڙ ملڪ طور ڏسي رهيا آهن. هن الزام هنيو ته ڀارت افغانستان ۾ پنهنجا ٺڪاڻا قائم ڪري پئسا ڏئي دهشتگردي ڪرائي رهيو آهي.