فرانس ۾ وڌندڙ مهانگائي، ٻارڻ جي اگهن ۾ واڌ ۽ سرڪاري خدمتن، خاص طور اسڪولن جي خراب صورتحال خلاف شروع ٿيل احتجاج پرتشدد رخ اختيار ڪري ورتو آهي. پيرس سميت ڪيترن ئي شهرن ۾ مظاهرين ۽ پوليس وچ ۾ چڪريون، عمارتن کي باهيون ڏيڻ ۽ دڪانن ۾ ڦرلٽ جا واقعا پيش آيا آهن، جڏهن ته پوليس تقريبن 2 هزار 400 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو آهي.
فرانسيسي حڪومت موجب، ڇنڇر ڏينهن سڄي ملڪ ۾ ٿيندڙ احتجاجن ۾ تقريبن 5 لک 50 هزار ماڻهن شرڪت ڪئي، جڏهن ته اڪثريتي مظاهرا پرامن رهيا.
فرانسيسي صدر ايمانوئل ميڪرون قوم کي خطاب ڪندي عوام کي پرامن رهڻ ۽ نظم ضبط برقرار رکڻ جي اپيل ڪئي. هن چيو ته احتجاج ڪندڙن جي جائز مطالبن ۽ ڀڃ ڊاهه، هنگامن توڙي ڦرلٽ ۾ ملوث ماڻهن وچ ۾ فرق ڪرڻ ضروري آهي. صدر خبردار ڪيو ته تشدد ۾ ملوث ماڻهن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي.
رپورٽن موجب، پيرس ۾ مظاهرين کي منتشر ڪرڻ لاءِ پوليس ڳوڙها آڻيندڙ گئس ۽ واٽر ڪينن جو استعمال ڪيو. ڪجهه هنڌن تي گاڏين، سرڪاري عمارتن ۽ ڪاروباري مرڪزن کي باهيون ڏنيون ويون، جڏهن ته ڪيترن ئي دڪانن ۾ ڦرلٽ پڻ ڪئي وئي.
فرانس جي وزيراعظم سيباستيان ليڪورنو موجب، هنگامن دوران 150 پوليس اهلڪار زخمي ٿيا آهن. ليموج شهر جي ٽائون هال ۾ باهه لڳڻ سبب عمارت جي ڇت جو هڪ حصو ڪري پيو، جڏهن ته ليون شهر ۾ سياحتي آفيس کي باهه ڏيڻ واري واقعي کي مقامي ميئر سانحو قرار ڏنو آهي.
احتجاج جو سبب ڇا آهي؟
فرانس ۾ گذريل ڪيترن ئي هفتن کان ثانوي اسڪولن جي شاگردن پاران استادن جي کوٽ ۽ اسڪولن ۾ سهولتن جي خراب صورتحال خلاف احتجاج جاري هو. بعد ۾ ٽريڊ يونينن، مزدورن ۽ مهانگائي خلاف اڳ ۾ احتجاج ڪندڙ ”ييلو ويسٽ“ تحريڪ جي ماڻهن پڻ انهن مظاهرن ۾ شرڪت ڪئي، جنهن سبب احتجاج جو دائرو وڌي ويو.
مظاهرين جو چوڻ آهي ته مهانگائي ۽ خراب ٿيندڙ عوامي خدمتن سبب عام ماڻهن جي زندگي ڏکي ٿي وئي آهي، جڏهن ته حڪومت تائين پنهنجو آواز پهچائڻ لاءِ احتجاج ضروري آهي.
سياسي ڇڪتاڻ ۾ پڻ واڌ
احتجاجن کانپوءِ فرانس ۾ سياسي ڇڪتاڻ پڻ وڌي وئي آهي. مخالف ڌر جي اڳواڻ ژان لوڪ ميلانشون پوليس تي مظاهرين خلاف تشدد جو الزام لڳايو، پر ساڳئي وقت ڦرلٽ ۽ باهه لڳائڻ جي واقعن جي مذمت پڻ ڪئي.
ٻئي طرف، وزيراعظم ليڪورنو ميلانشون جي بيانن کي خطرناڪ قرار ڏنو، جڏهن ته ساڄي ڌر جي اڳواڻ ميرين لو پين الزام هنيو ته کاٻي ڌر جا گروهه مظاهرين جي جائز مطالبن کي پنهنجي سياسي مقصدن لاءِ استعمال ڪري رهيا آهن.
صدر ايمانوئل ميڪرون چيو ته سرڪاري آفيسن، ڪاروباري مرڪزن ۽ ٽائون هالن تي حملا ڪندڙن خلاف ڪيس هلايا ويندا.
حڪومت احتجاجن کي روڪڻ ۽ عوامي خدشن کي گهٽائڻ لاءِ اضافي 3 هزار استاد ڀرتي ڪرڻ جو اعلان پڻ ڪيو آهي، پر ان باوجود احتجاج جاري رهيا آهن.
فرانس ۾ اها صورتحال اهڙي وقت پيدا ٿي آهي، جڏهن ملڪ سياسي غيريقينيءَ کي منهن ڏئي رهيو آهي ۽ ايندڙ صدارتي چونڊن کان اڳ مختلف سياسي ڌرين وچ ۾ اختلاف پڻ وڌي رهيا آهن.