پمز سانحي ۾ هڪ وڌيڪ آفيسر ذميوار قرار، 9 ڄڻن کي نوڪري مان ڪڍيو ويو: وفاقي وزير صحت

فہرستِ مضامین

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): وفاقي وزير صحت مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته پمز اسپتال سانحي جي تفصيلي جاچ دوران هڪ وڌيڪ آفيسر کي ذميوار قرار ڏنو ويو آهي، جڏهن ته مجموعي طور 9 ڄڻن کي نوڪري مان برطرف ڪيو ويو آهي.

خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي مصطفيٰ ڪمال ٻڌايو ته پمز سانحي بابت ابتدائي جاچ رپورٽ ۾ 8 ڄڻن کي قصوروار قرار ڏنو ويو هو، جن خلاف فوجداري ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ وزارتِ داخلا کي خط لکيو ويو آهي.

وفاقي وزير موجب تفصيلي رپورٽ ۾ مجموعي طور 33 سفارشون ڏنيون ويون آهن، جن تي عملدرآمد ۾ ڪجهه وقت لڳندو.

هن چيو ته پمز اسپتال جي فائر سيفٽي سسٽم ۽ عمارت جي ڍانچي کي بهتر بڻائڻ لاءِ وزيراعظم طرفان 3 مهينن جو وقت ڏنو ويو آهي.

مصطفيٰ ڪمال موجب پمز ۾ ايندڙ 15 ڏينهن اندر 176 بسترن تي ٻڌل نئين ايمرجنسي کي فعال ڪيو ويندو.

وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته پاڪستان کي هلائڻ ۽ انتظامي معاملن کي بهتر بڻائڻ لاءِ انتظامي يونٽن جو قيام ضروري آهي.

هن صوبائي حڪومتن تي تنقيد ڪندي چيو ته 18هين ترميم کانپوءِ صوبائي حڪومتن وٽ وسيلا ۽ اختيار وڌيا آهن ۽ سندس موقف موجب انتظامي معاملن ۾ وڌيڪ سڌارن جي ضرورت آهي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں