اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) سرڪاري خرچ تي پرڏيهه ۾ تعليم، تربيت ۽ اسڪالرشپ حاصل ڪرڻ کانپوءِ واپس نه موٽڻ يا ملازمت جون مقرر شرطون پوريون نه ڪرڻ وارن آفيسرن خلاف ضابطا سخت ڪيا ويا آهن. اسٽيبلشمينٽ ڊويزن نوان ايس او پيز جاري ڪندي ڊگرين جي تصديق، مالي ذميوارين جي تفصيل ۽ مقرر مدي تائين سرڪاري ملازمت ڪرڻ کي لازمي قرار ڏئي ڇڏيو آهي.
نئين ضابطن تحت پرڏيهه يا ملڪ اندر تعليمي پروگرام، اسڪالرشپ ۽ ڊيپيوٽيشن مڪمل ڪري واپس ايندڙ سول سرونٽس کي ڊيوٽي جوائن ڪرڻ وقت پنهنجي ڊگريءَ جي تصديق ٿيل ڪاپي يا سرڪاري تعليمي ٽرانسڪرپٽ جمع ڪرائڻو پوندو. جيڪڏهن ڪو آفيسر مناسب ۽ تصديق ٿيل سبب کانسواءِ گهربل دستاويز جمع نه ڪرائيندو ته کيس باضابطه طور ڊيوٽيءَ تان غير حاضر تصور ڪري سگهجي ٿو.
سرڪلر موجب، جيڪڏهن ڪنهن پرڏيهي يونيورسٽيءَ طرفان ڊگري جاري ڪرڻ ۾ دير ٿئي ٿي ته لاڳاپيل آفيسر کي تعليمي اداري جا تصديق لائق دستاويز پيش ڪرڻا پوندا، جن مان سندس تعليمي ڪارڪردگي ۽ ڊگري جاري ٿيڻ ۾ دير جو جائز سبب ثابت ٿئي. اهڙا دستاويز پيش ڪرڻ کانسواءِ آفيسر کي ٻيهر ڊيوٽي جوائن ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي.
اسٽيبلشمينٽ ڊويزن موجب، آفيسرن پاران جمع ڪرايل ڊگرين ۽ جوائننگ رپورٽن کي فوري طور ٽريننگ ونگ ڏانهن موڪليو ويندو، جيئن مرڪزي رڪارڊ کي اپڊيٽ رکيو وڃي.
مالي ذميوارين ۽ ضمانتي بانڊ بابت به سخت ضابطا
وفاقي حڪومت سرڪاري خرچ تي ڏنل اسڪالرشپس ۽ پيشه ورانه تربيت جي مالي معاملن ۾ به سختي ڪئي آهي. نئين طريقيڪار تحت ضمانتي بانڊ تي صحيح ڪندڙ هر آفيسر جي مالي ذميوارين جو تفصيلي رڪارڊ تيار ڪيو ويندو.
ان رڪارڊ ۾ اسڪالرشپ جي اصل لاڳت، تربيت تي ٿيل خرچ، آفيسر کي ادا ڪيل واپس وٺڻ جوڳيون رقمون ۽ تربيت کانپوءِ سرڪاري ملازمت ڪرڻ جو لازمي مدو واضح طور درج هوندو. ان سان گڏ ضمانتي بانڊ جي ڀڃڪڙي، غير منظور ٿيل استعيفيٰ يا ملازمت ڇڏڻ جي صورت ۾ لاڳو ٿيندڙ شرطن ۽ مالي ڏنڊ جي رقم پڻ ڄاڻائي ويندي.
مالي ذميوارين جو اهو بيان آفيسر جي ذاتي فائيل جو حصو هوندو ۽ سندس ملازمت يا انتظامي معاملن بابت فيصلي وقت مجاز اختيارين آڏو پيش ڪرڻ لازمي هوندو.
موڪل يا واڌ جي درخواست، غيرحاضريءَ جو جواز نه بڻجندي
نئين ضابطن ۾ اهو به واضح ڪيو ويو آهي ته منظور ٿيل موڪل، تعليمي موڪل يا ڊيپيوٽيشن جي مدي ۾ واڌ لاءِ درخواست ڏيڻ سان آفيسر کي پاڻمرادو غيرحاضريءَ جي اجازت نه ملندي. آفيسرن کي منظور ٿيل مدي جي پڄاڻيءَ تي ڊيوٽيءَ تي رپورٽ ڪرڻي پوندي، ڀلي واڌ جي درخواست اڃا منظوريءَ جي انتظار ۾ هجي.
ڊيوٽي جوائن ڪرڻ جي رپورٽ جمع نه ڪرائڻ جي صورت ۾ آفيسر کي بنا اجازت غيرحاضر تصور ڪري سگهجي ٿو، جڏهن ته معاملو وڌيڪ هدايتن لاءِ اعليٰ اختيارين ڏانهن موڪلي سگهجي ٿو.
نئين ضابطن جو مقصد سرڪاري خرچ تي پرڏيهه ۾ تعليم ۽ تربيت حاصل ڪندڙ آفيسرن جي ذميوارين کي يقيني بڻائڻ، مالي نقصان کان بچڻ ۽ سرڪاري رڪارڊ کي وڌيڪ منظم رکڻ آهي.