لائیو پريا ڪماري ڪيس: پوليس کي ڏنل مهلت ختم، اڄ قومي شاهراهه بند ڪرڻ جو اعلان

فہرستِ مضامین

سکر (رپورٽ: عامر جوڳي)  پريا ڪماري سميت مغوي ٻارڙن جي بازيابي لاءِ پريا ايڪشن ڪميٽي پاران ٻٻرلوءِ باءِ پاس تي لڳايل ڌرڻو اڄ 27هين ڏينهن به جاري آهي.

پريا ايڪشن ڪميٽي اڄ ٻٻرلوءِ قومي شاهراهه بند ڪرڻ سان گڏ ڪراچي جي تين تلوار ۽ حيدرآباد ۾ پڻ احتجاجي ڌرڻن جو اعلان ڪيو آهي.

قومي شاهراهه بند ڪرڻ لاءِ تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن، جتي ڪنٽينر ۽ ٽريڪٽر پهچايا ويا آهن. احتجاج جي اڳواڻي پريا ايڪشن ڪميٽي جي چيئرمين سهڻي پارس، اڳواڻ لياقت جلباڻي ۽ ٻيا اڳواڻ ڪندا، جڏهن ته مختلف سياسي، سماجي، مذهبي ۽ قومپرست جماعتن جا اڳواڻ ۽ ڪارڪن پڻ شرڪت ڪندا.

پريا ايڪشن ڪميٽي جي چيئرمين سهڻي پارس چيو آهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ قومي شاهراهه بند ڪرڻ بعد پوليس اختيارين مغوي ٻارڙن جي بازيابي لاءِ ٽن ڏينهن جي مهلت گهري هئي، پر مهلت گذرڻ باوجود هڪ به مغوي ٻارڙو بازياب ناهي ٿي سگهيو.

هن چيو ته اڄ ٻيهر قومي شاهراهه بند ڪئي ويندي ۽ احتجاج ان وقت تائين جاري رهندو، جيستائين پريا ڪماري سميت سمورا مغوي ٻارڙا بازياب نٿا ڪرايا وڃن.

ھوڏانھن اڄ پريا ڪماري سميت ٻين ٻارڙن جي بازيابي لاءِ ڪراچي جي ٽن تلوارن تي پڻ احتجاجي ڌرڻو ھنيو ويندو.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں