پراسيڪيوشن ثبوت پيش ڪرڻ ۾ ناڪام، انمول عرف پنڪي منشيات جي وڌيڪ ٻن ڪيسن مان بري

فہرستِ مضامین

ڪراچي (بيورو رپورٽ) منشيات جي ڪيسن ۾ نامزد انمول عرف پنڪي کي عدالت مان وڏو رليف ملي ويو، ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج جي عدالت کيس وڌيڪ ٻن ڪيسن مان بري ڪري ڇڏيو، جڏهن ته ڪنهن ٻئي ڪيس ۾ نامزد نه هئڻ جي صورت ۾ فوري طور آزاد ڪرڻ جو حڪم پڻ ڏنو ويو آهي.

عدالت منشيات ۽ سهولتڪاريءَ جي ڪيسن ۾ نامزد انمول عرف پنڪي جي بريت واري درخواست منظور ڪري ورتي. پراسيڪيوشن جوابدار عورت خلاف ٻنهي ڪيسن ۾ ثبوت پيش ڪرڻ ۾ ناڪام رهي، جنهن کانپوءِ عدالت عدم ثبوت جي بنياد تي کيس بري ڪري ڇڏيو.

عدالت پنهنجي حڪم ۾ ڄاڻايو ته جيڪڏهن انمول عرف پنڪي ڪنهن ٻئي ڪيس ۾ گهربل نه هجي ته کيس فوري طور آزاد ڪيو وڃي.

واضح رهي ته انمول عرف پنڪي کي هينئر تائين مجموعي طور پنجن ڪيسن ۾ بري ڪيو ويو آهي. سندس خلاف 2018ع ۾ ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ (سي ٽي ڊي) ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو هو.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں