منيلا: پاڪستان ۽ روس واپار، توانائي، رابطن ۽ ٻين اهم شعبن ۾ ٻطرفي سهڪار کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ تي اتفاق ڪيو آهي.
پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب، نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر اسحاق ڊار منيلا ۾ 33هين آسيان ريجنل فورم جي وزارتي اجلاس کان اڳ روس جي پرڏيهي وزير سرگئي لاوروف سان ملاقات ڪئي.
ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ روس جي ٻطرفي لاڳاپن سميت علائقائي ۽ عالمي معاملن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.
پرڏيهي آفيس موجب، ٻنهي پرڏيهي وزيرن واپار، توانائي، رابطن ۽ ٻين اهم شعبن ۾ سهڪار کي وڌيڪ وسيع ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.
ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ اعليٰ سطحي رابطن ۽ سفارتي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي پڻ زور ڏنو ويو، جڏهن ته گهڻ رخي عالمي فورمن تي گڏيل سهڪار ۽ هم آهنگي وڌائڻ تي به اتفاق ڪيو ويو.