ٽنڊوباگو (رپورٽ: بلاول پٺاڻ) ٽنڊوباگو لڳ ڳوٺ ڪنڊو سهتو ۾ سروي زمين جي پلاٽ تي مبينا قبضي خلاف ڪولهي برادري جي عورتن، مردن ۽ ٻارن احتجاجي مظاهرو ڪري انصاف فراهم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي.
ٿانور، سوجي، ڪرشن ڪولهي، سيتا، گومي ۽ مانو ڪولهي جي اڳواڻي ۾ ڪيل احتجاج دوران مظاهرين الزام هنيو ته ڳوٺ جا رهواسي اجمل ريٻاري، سومار ريٻاري ۽ ٻيا سندن خريد ڪيل سروي زمين واري پلاٽ تي قبضو ڪري ويٺا آهن، جڏهن ته کين هٿيارن جي زور تي پنهنجي پلاٽ تي وڃڻ کان روڪيو پيو وڃي.
احتجاج ڪندڙن وڌيڪ الزام هنيو ته اجمل ۽ سومار ريٻاري وارن لوڙهو ڏيڻ کانپوءِ هڪ پراڻي جهوپڙي کي پاڻ باهه ڏئي ساڙيو ۽ ان واقعي بابت مٿن ٽنڊوباگو ٿاڻي تي ڪوڙو ڪيس داخل ڪرايو آهي.
مظاهرين آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي حيدرآباد ۽ ايس ايس پي بدين کان مطالبو ڪيو ته معاملي جي شفاف جاچ ڪرائي کين انصاف فراهم ڪيو وڃي.
ٻئي طرف، الزام هيٺ آيل اجمل ريٻاري ڪولهي برادري پاران لڳايل قبضي جي الزامن کي رد ڪندي موقف اختيار ڪيو آهي ته تڪراري زمين سندن ملڪيت آهي ۽ وٽس ان جا دستاويز موجود آهن.
هن مطالبو ڪيو ته زمين جي سرڪاري سطح تي ماپ ڪرائي وڃي، جيئن حقيقتون سامهون اچي سگهن.