ٽرمپ جو ايران تي حملي بابت فيصلو اڃا نه ٿيو، عباس عراقچي جو سخت پيغام؛ سفارتي رابطا جاري

فہرستِ مضامین

واشنگٽن / تهران / بشڪيڪ: (ڊبليو ٽي اين ڊيسڪ) آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ باوجود سفارتي رابطا جاري، آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايران تي وڏي پيماني جي فوجي حملي بابت اڃا تائين ڪنهن حتمي فيصلي کان انڪار ڪيو آهي، جڏهن ته ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي واضح ڪيو آهي ته ايران ڌمڪين ۽ دٻاءَ آڏو نه جهڪندو ۽ پنهنجي قومي مفادن جي هر قيمت تي حفاظت ڪندو.

تفصيل موجب، آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ اوول آفيس ۾ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ايران تي وڏي فوجي حملي بابت هن اڃا تائين ڪو حتمي فيصلو ناهي ڪيو. سندس چوڻ هو ته تهران سان رابطن ۽ ڳالهين جو سلسلو جاري آهي ۽ ايراني اختيارين هاڻي اڳ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ سنجيدگي جو مظاهرو ڪري رهيا آهن.

ٽرمپ چيو ته ايران ڳالهين لاءِ سنجيده ضرور آهي، پر اڃا تائين ڪنهن جامع معاهدي لاءِ مڪمل طور تي تيار ناهي، جڏهن ته آمريڪا صورتحال جو مسلسل جائزو وٺي رهيو آهي.

هوڏانهن، ڪرغزستان ۾ شنگهائي سهڪار تنظيم (SCO) جي پرڏيهي وزيرن جي اجلاس کي خطاب ڪندي ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي چيو ته آمريڪا سان پيغامن جي ڏي وٺ جاري آهي ۽ ان حوالي سان ثالثي جو ڪو مسئلو ناهي، پر ايران ڌمڪين، دٻاءُ ۽ طاقت جي ٻولي هرگز قبول نه ڪندو.

عباس عراقچي چيو ته ايران پنهنجي موقف تان ڪنهن به صورت ۾ پوئتي نه هٽندو ۽ آبنائي هرمز ۾ پنهنجي حقن جو هر قيمت تي تحفظ ڪندو. هن خبردار ڪيو ته ايران خلاف ڪنهن به جارحيت ۾ حصو وٺندڙ يا سهڪار ڪندڙ ملڪن کي نتيجا ڀوڳڻا پوندا ۽ ايران خلاف استعمال ٿيندڙ ڪنهن به سرزمين کي جائز فوجي هدف سمجهيو ويندو.

ايراني پرڏيهي وزير وڌيڪ چيو ته ايراني قوم خلاف ٿيندڙ هر جارحيت جو ڀرپور جواب ڏنو ويندو، جڏهن ته عالمي قانونن، ملڪن جي خودمختياري ۽ باهمي احترام تي ٻڌل نظام ئي خطي ۾ پائيدار امن جي ضمانت ڏئي سگهي ٿو. سندس چوڻ هو ته ايران ڪڏهن به جنگ جي شروعات ناهي ڪئي، پر پنهنجي قومي سلامتي ۽ خودمختياري جي دفاع جو حق هر حال ۾ محفوظ رکي ٿو.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں