يونيورسٽي پروفيسرن جي رٽائرمينٽ عمر 60 يا 65 سال؟ سنڌ حڪومت جو اهم فيصلو

فہرستِ مضامین

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) سنڌ حڪومت صوبي جي سرڪاري يونيورسٽين جي پروفيسرن جي رٽائرمينٽ جي عمر 60 مان وڌائي 65 سال ڪرڻ لاءِ اهم قدم کڻڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ان سلسلي ۾ سمري صوبائي ڪابينا ڏانهن موڪلي ويندي، جڏهن ته يونيورسٽين جي مالي مسئلن ۽ نون ڪيمپسز جي قيام لاءِ واضح پاليسي جوڙڻ تي پڻ زور ڏنو ويو آهي.

صوبي جي 32 سرڪاري يونيورسٽين جي وائيس چانسلرن جي اجلاس کي خطاب ڪندي سنڌ جي چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه چيو ته سنڌ ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ يونيورسٽين کي وڌيڪ گرانٽ اِن ايڊ فراهم ڪري ٿو. هن ٻڌايو ته صوبي جي يونيورسٽين کي مجموعي طور 44 ارب 460 ملين رپين جي گرانٽ ڏني پئي وڃي.

چيف سيڪريٽري چيو ته نون ڪيمپسز جي قيام لاءِ جامع پاليسي ۽ واضح معيار مقرر ڪيا وڃن، جيئن تعليمي ضرورتن ۽ مالي وسيلن کي نظر ۾ رکندي فيصلا ڪري سگهجن.

آصف حيدر شاهه موجب وائيس چانسلرن معلومات تائين رسائي واري قانون بابت پڻ خدشا ظاهر ڪيا آهن. سندن چوڻ هو ته ڪڏهن ڪڏهن اهڙي معلومات طلب ڪئي وڃي ٿي، جنهن جو عوامي مفاد سان سڌو سنئون واسطو نه هوندو آهي.

هن وڌيڪ چيو ته يونيورسٽين لاءِ پينشن جا رهيل واجبات وڏو مسئلو بڻجي چڪا آهن. مالي بار گهٽائڻ لاءِ غيرضروري ڀرتين، خاص طور غير تدريسي شعبن ۾ ڀرتين جي حوصلا شڪني ڪرڻ گهرجي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں