ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه شنگھائي اليڪٽرڪ گروپ جي اعليٰ اختيارين کي سنڌ ۾ سيڙپڪاري وڌائڻ ۽ مختلف شعبن ۾ سهڪار کي وڌيڪ وسيع ڪرڻ جي دعوت ڏني آهي.
وڏي وزير سان شنگھائي اليڪٽرڪ جي وفد جي ملاقات دوران قابلِ تجديد توانائي، بجلي جي بنيادي ڍانچي، پاڻي ۽ ماحولياتي ٽيڪنالاجي سميت مختلف شعبن ۾ سهڪار ۽ سيڙپڪاري جي امڪانن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
سيد مراد علي شاهه چيو ته سنڌ ۾ شمسي ۽ هوائي توانائي جي شعبن ۾ سيڙپڪاري جا وسيع موقعا موجود آهن، جڏهن ته سنڌ حڪومت صاف توانائي جي منصوبن ۾ چيني ماهريت ۽ سيڙپڪاري جي آجيان ڪندي.
وڏي وزير چيو ته سنڌ حڪومت قابلِ تجديد توانائي ۾ چيني سيڙپڪاري جي خواهشمند آهي ۽ چيني ٽيڪنالاجي، سيڙپڪاري ۽ انجنيئرنگ جي ماهريت کي سنڌ جي قدرتي وسيلن سان ڳنڍڻ چاهي ٿي.
ملاقات دوران سيد مراد علي شاهه شنگھائي اليڪٽرڪ جي پاڻي کي صاف ڪرڻ واري ڊي سيلينيشن ٽيڪنالاجي ۾ پڻ دلچسپي ظاهر ڪئي. وفد کيس ڊي سيلينيشن منصوبن بابت بريفنگ ڏني.
وڏي وزير چيو ته ڪراچي سميت سنڌ جا پاڻي جي کوٽ وارا علائقا ڊي سيلينيشن ٽيڪنالاجي مان فائدو حاصل ڪري سگهن ٿا، جڏهن ته سنڌ جي ڊگهي سامونڊي پٽي پاڻي جي متبادل ذريعن لاءِ اهم موقعو فراهم ڪري ٿي.
سيد مراد علي شاهه وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ شمسي ۽ هوائي توانائي سان گڏ توانائي ذخيرو ڪرڻ، بجلي جي ترسيل ۽ ورڇ جي جديد نظام لاءِ به موقعا موجود آهن، جڏهن ته پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت توانائي جي منصوبن ۾ پڻ سيڙپڪاري جا امڪان آهن.
وڏي وزير چيو ته صاف توانائي، ڊي سيلينيشن ۽ جديد ٽيڪنالاجي پائيدار ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا، سنڌ حڪومت چيني ڪمپنين کي صوبي ۾ منصوبن جي قيام لاءِ هر ممڪن سهولت فراهم ڪندي.