هَنگو ۾ اسپتال جي تعمير واري هنڌ تان ٻن ڌرين ۾ فائرنگ، 3 ڄڻا مارجي ويا

فہرستِ مضامین

هَنگو (ويب ڊيسڪ): خيبرپختونخوا جي ضلعي هَنگو ۾ بنيادي صحت مرڪز (BHU) اسپتال جي تعمير واري هنڌ جي تڪرار تان ٻن ڌرين وچ ۾ فائرنگ جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا مارجي ويا، جڏهن ته هڪ زخمي ٿي پيو.

ڊي پي او موجب واقعو هَنگو جي علائقي ٽَل ۾ پيش آيو، جتي اسپتال جي تعمير لاءِ مقرر ڪيل جاءِ تي ٻن ڌرين وچ ۾ تڪرار هلندڙ هو. فائرنگ دوران 3 ڄڻا مارجي ويا، جڏهن ته هڪ شخص زخمي ٿيو، جنهن کي طبي امداد لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو.

ڊي پي او ٻڌايو ته ٻنهي ڌرين وچ ۾ ڇپري وزيران واري علائقي ۾ بي ايڇ يو اسپتال منصوبي جي جاءِ تان تڪرار هو.

پوليس موجب ٻنهي ڌرين جو موقف هو ته بنيادي صحت مرڪز سندن علائقي ۾ تعمير ٿيڻ گهرجي. اسپتال جي تعمير واري هنڌ بابت هلندڙ تڪرار شدت اختيار ڪرڻ بعد ٻنهي ڌرين وچ ۾ فائرنگ ٿي، جنهن ۾ جاني نقصان ٿيو.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں