منشيات ۽ هٿيارن جي ڪيسن ۾ انمول عرف پنڪي عدالت ۾ پيش نہ ٿي، جيل اختيارين کان جواب طلب

فہرستِ مضامین

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ڪراچي ۾ منشيات وڪرو ڪرڻ جي الزام ۾ گرفتار انمول عرف پنڪي ۽ سندس ساٿي جوابدارن کي عدالتي حڪم باوجود منشيات ۽ هٿيارن جي هٿ اچڻ وارن ڪيسن ۾ عدالت ۾ پيش نہ ڪيو ويو.

ڪراچي جي جوڊيشل مئجسٽريٽ ڏکڻ چيو ته سينٽرل جيل ۽ وومين جيل جي سپرنٽنڊنٽن عدالتي حڪم تي عمل نه ڪيو، جڏهن ته ڪيسن جون ڪاپيون جوابدارن کي فراهم ڪرڻ لاءِ سندن عدالت ۾ موجودگي لازمي آهي.

عدالت موجب، جوابدارن کي وڊيو لنڪ ذريعي ڪيسن جون ڪاپيون فراهم ڪرڻ ممڪن ناهي، تنهن ڪري انمول عرف پنڪي ۽ ٻين جوابدارن جي حاضري ضروري آهي.

عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي انمول عرف پنڪي سميت سمورن جوابدارن کي لازمي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ٻڌڻي ايندڙ هفتي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں