ملتان (مانيٽرنگ ڊيسڪ) پنجاب جي شهر ملتان ۾ تيز رفتار ڪار خوفناڪ حادثي جو شڪار ٿي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ ڪار ۾ سوار پنج ئي ڄڻا موقعي تي فوت ٿي ويا. حادثي کانپوءِ ڪار کي باهه پڻ لڳي وئي.
ريسڪيو اختيارين موجب، حادثو بوسن روڊ تي پيش آيو، جتي تيز رفتار ڪار روڊ جي وچ ۾ رکيل ڊيوائيڊر سان ٽڪرائجڻ بعد ڀرسان موجود ڀت ٽوڙي هڪ خالي پلاٽ ۾ وڃي ڪري.
اختيارين جو چوڻ آهي ته ڪار اونڌي ٿيڻ کانپوءِ ان ۾ باهه لڳي وئي، جنهن سبب گاڏيءَ ۾ سوار پنج ئي ڄڻا فوت ٿي ويا.
ريسڪيو اختيارين موجب، فوت ٿيلن مان ٽن نوجوانن جو تعلق شجاع آباد سان هو، جڏهن ته باقي ٻن ڄڻن جي سڃاڻپ اڃا تائين نه ٿي سگهي آهي.