مشهور چوڻي آهي ته علم حاصل ڪرڻ لاءِ عمر ۽ وقت جي ڪا به حد نه هوندي آهي، مصر جي هڪ ڪراڙي عورت ان ڳالهه کي پنهنجي عملي زندگيءَ ۾ سچ ثابت ڪري ڏيکاريو آهي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب 83 ورهين جي مصري عورت سوشيالاجي ۾ پي ايڇ ڊي جي ڊگري حاصل ڪري سڀني کي حيران ڪري ڇڏيو.
مصر سان تعلق رکندڙ 83 ورهين جي اَمل اسماعيل عبدو منصورھ يونيورسٽي جي فئڪلٽي آف آرٽس مان سوشيالاجي ۾ پي ايڇ ڊي جي ڊگري حاصل ڪري ثابت قدمي، همت ۽ عزم جو شاندار مثال قائم ڪيو.
5 جولاءِ تي اَمل عبدو کي شعبه سوشيالاجي، فئڪلٽي آف آرٽس، منصوره يونيورسٽي طرفان سندس تحقيقي مقالي تي ڊاڪٽريٽ جي ڊگري سان نوازيو ويو.
رپورٽ موجب اَمل عبدو جو تعليمي سفر زندگيءَ جي نسبتاً آخري مرحلي ۾ شروع ٿيو. هن 38 ورهين جي عمر ۾ مڊل جو امتحان پاس ڪيو، پر ڪينسر جي تشخيص سبب سندس تعليم جو سلسلو ڪجهه وقت لاءِ رڪجي ويو.
بيماري مان صحتياب ٿيڻ کان پوءِ هن ٻيهر تعليم جو سلسلو شروع ڪيو ۽ 68 ورهين جي عمر ۾ هاءِ اسڪول مڪمل ڪيو. ان کان 3 سال پوءِ هن منصورھ يونيورسٽي جي فئڪلٽي آف آرٽس ۾ سوشيالاجي شعبي ۾ داخلا ورتي.
سال 2023ع ۾ هن ساڳئي اداري مان امتيازي نمبرن سان ماسٽرز جي ڊگري حاصل ڪئي، جنهن کان پوءِ پي ايڇ ڊي جو سفر جاري رکيو.
6 جولاءِ تي دقھليہ جي گورنر ميجر جنرل طارق مرزوق گورنريٽ هيڊڪوارٽرز ۾ اَمل عبدو سان ملاقات ڪري سندس هن شاندار ڪاميابي کي ڀيٽا پيش ڪئي.
گورنريٽ طرفان جاري ڪيل بيان موجب، هي اعزاز سندس غيرمعمولي جدوجهد ۽ زندگيءَ جي چئلينجن تي ضابطو آڻڻ جي اعتراف طور ڏنو ويو.
گورنر اَمل عبدو کي گورنريٽ جي شيلڊ پيش ڪندي چيو ته سندس ڪاميابي علم، عزم ۽ ثابت قدمي جي قدرن جي عڪاسي ڪري ٿي. هن چيو ته اَمل عبدو جو مثال نوجوان نسل لاءِ اميد جو پيغام آهي ۽ اهو ثابت ڪري ٿو ته عمر ڪڏهن به خوابن جي راهه ۾ رڪاوٽ نه بڻجندي آهي.
ان موقعي تي 83 ورهين جي اَمل عبدو ٿورا مڃيندي چيو ته گورنر طرفان ملندڙ هي اعزاز سندس لاءِ وڏي همٿ جو ذريعو آهي ۽ انهن سڀني ماڻهن لاءِ هڪ پيغام آهي، جيڪي عمر يا حالتن جي پرواهه ڪرڻ کان سواءِ پنهنجن خوابن جي ساڀيان لاءِ ڪوششون جاري رکن ٿا.