لائیو مريم نواز جا الزام رد، نديم افضل چن جي (ن ) ليگ تي سخت تنقيد

فہرستِ مضامین

لاهور: پاڪستان پيپلز پارٽي جي مرڪزي سيڪريٽري اطلاعات نديم افضل چن پنجاب جي وڏي وزير مريم نواز جي مظفرآباد جلسي دوران ڪيل تقرير تي ردعمل ظاهر ڪندي الزام هنيو آهي ته هن پنهنجي خطاب ۾ پيپلز پارٽي تي بي بنياد الزام هنيا آهن.

نديم افضل چن چيو ته ن ليگ جي نااهلي ۽ مبينا ڪرپشن پنجاب کي تباهي ڏانهن ڌڪي ڇڏيو آهي. سندس چوڻ هو ته اڄ پنجاب جي صورتحال پاڻ ٻڌائي رهي آهي ته “سٿرا پنجاب” رڳو هڪ نعرو هو، حقيقت ان کان بلڪل مختلف آهي.

هن چيو ته صرف هڪ ڏينهن جي برسات پنجاب حڪومت جي ترقياتي دعوائن جي حقيقت سامهون آڻي ڇڏي، جتي روڊ تلائن جو منظر پيش ڪرڻ لڳا ۽ شهري پنهنجن گهرن تائين محدود ٿي ويا.

پيپلز پارٽي اڳواڻ وڌيڪ چيو ته گوجرانوالا ۽ ليه سميت ڪيترن ئي علائقن ۾ برسات کانپوءِ گهٽيون ۽ بازار پاڻي هيٺ اچي ويا، جڏهن ته اربين رپين جي اشتهارن ۽ دعوائن باوجود زميني حقيقتون مختلف آهن.

نديم افضل چن پنهنجي بيان ۾ اهو به الزام هنيو ته پنجاب حڪومت مبينا ڪرپشن جا نوان رڪارڊ قائم ڪري رهي آهي ۽ جلد ئي ڪڻڪ اسڪينڊل به عوام آڏو اچي ويندو.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں