محمود اچڪزئي جو اپوزيشن ليڊر جي عهدي تان استعيفيٰ ڏيڻ کان انڪار

فہرستِ مضامین

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ محمود خان اچڪزئي پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. رپورٽن موجب، پاڪستان تحريڪ انصاف جي اعليٰ سطحي ڪميٽي جي اجلاس ۾ مبينا طور تي کيس عهدي تان استعيفيٰ ڏيڻ جو مطالبو ڪيو ويو هو.

تفصيل موجب، محمود خان اچڪزئي آچر جي رات پنهنجي تحريڪ بحاليِ آئين جي اجلاس کانپوءِ ويجهن ساٿين سان ڳالهائيندي چيو ته جيڪڏهن اڊيالا جيل ۾ قيد اهو شخص، جنهن کيس مخالف ڌر جو اڳواڻ نامزد ڪيو هو، استعيفيٰ ڏيڻ لاءِ چوندو ته هو عهدو ڇڏي ڏيندو.

محمود اچڪزئي، ڪوئيٽا ۾ قائم پشتونخوا ملي عوامي پارٽي جو واحد پارلياماني ميمبر آهي. کيس هلندڙ سال جنوري ۾ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق مخالف ڌر جو اڳواڻ مقرر ڪيو هو.

رپورٽ موجب، اچڪزئي کي ان عهدي لاءِ پي ٽي آءِ جي باني نامزد ڪيو هو، جيڪو مختلف فوجداري ڪيسن ۾ سزا سبب جيل ۾ آهي. قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ طور اچڪزئي جي مقرري کان اڳ سندس اهليت ۽ دستاويزن بابت ڊگهي ڇڪتاڻ پڻ جاري رهي هئي.

ٻئي طرف، محمود اچڪزئي گذريل هفتي خيبرپختونخوا جي وڏي وزير سهيل آفريدي جي لانگ مارچ ۾ شرڪت نه ڪئي هئي. رپورٽ موجب، ان عرصي دوران پي ٽي آءِ سان لاڳاپيل قومي اسيمبلي جي آزاد ميمبرن وچ ۾ لانگ مارچ ڪڍڻ ۽ ان جي منزل بابت اختلاف پڻ سامهون آيا هئا.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں