محمد رضوان اين سي سي آءِ اي جي نوٽيس خلاف لاهور هاءِ ڪورٽ پهچي ويو، ڪارروائي روڪڻ جي درخواست

فہرستِ مضامین

لاهور(ويب ڊيسڪ): پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان محمد رضوان نيشنل سائبر ڪرائم انويسٽيگيشن ايجنسي (اين سي سي آءِ اي) پاران طلب ڪرڻ واري نوٽيس کي لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪري ڇڏيو آهي.

محمد رضوان پنهنجي درخواست ۾ اين سي سي آءِ اي جي اختيار ۽ هلندڙ جاچ جي نوعيت تي سوال اٿاريندي عدالت کان درخواست ڪئي آهي ته ڪيس جي حتمي فيصلي تائين اداري جي ڪارروائي روڪڻ جو حڪم ڏنو وڃي.

درخواست ۾ محمد رضوان موقف اختيار ڪيو آهي ته اين سي سي آءِ اي پاران طلب ڪرڻ وقت کيس ڪنهن مخصوص الزام بابت آگاهه نه ڪيو ويو. سندس چوڻ موجب نوٽيس ۾ آن لائن بيٽنگ ۽ جوا بابت انڪوائري جو ذڪر ڪيو ويو آهي، پر اهو واضح ناهي ڪيو ويو ته هو ڪهڙي آن لائن سٽيبازي يا جوئي ۾ ملوث رهيو آهي.

محمد رضوان پنهنجي درخواست ۾ چيو آهي ته پيش ٿيڻ دوران هن بار بار مبينا غيرقانوني سرگرمين بابت الزامن جي تفصيل معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر سندس سوالن جا واضح جواب نه ڏنا ويا.

ڪرڪيٽر موقف اختيار ڪيو ته جيڪڏهن الزام ئي واضح ناهي ته اين سي سي آءِ اي ڪنهن نامعلوم الزام جي بنياد تي جاچ ڇو ڪري رهي آهي؟ هن عدالت کان درخواست ڪئي ته درخواست جي حتمي فيصلي تائين اين سي سي آءِ اي کي وڌيڪ ڪارروائي کان روڪيو وڃي.

واضح رهي ته اين سي سي آءِ اي محمد رضوان ۽ قومي ڪرڪيٽر امام الحق کي سوالنامو ڏنو هو، جنهن جا جواب 15 سيپٽمبر تائين جمع ڪرائڻا هئا. امام الحق پاران سوالنامي جا جواب جمع ڪرائڻ جي تصديق ڪئي وئي آهي.

ٻنهي ڪرڪيٽرن کي انگلينڊ جي دوري تان وطن واپس گهرايو ويو هو، جنهن کانپوءِ سندن خلاف آن لائن بيٽنگ ۽ جوا بابت جاچ شروع ڪئي وئي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں