اسلام آباد: وزيراعظم شھباز شريف چيو آھي تھ قدرتي آفتن جي تباھ ڪندڙ اثرن کي منھن ڏيڻ لاءِ مضبوط انفرااسٽرڪچر، جامع حڪمت عملي ۽ عوامي آگاھي اڻٽر آھي.
زلزلن جي متاثرن جي ياد جي عالمي ڏينھن جي موقعي تي پنھنجي پيغام ۾ وزيراعظم شھباز شريف جو چوڻ ھو تھ عالمي ڏينھن جو مقصد زلزلي متاثرن سان ھمدردي جو اظھار ڪرڻ آھي، پاڪستان سڄي دنيا ۾ زلزلن ۽ ٻين قدرتي آفتن جي متاثرن سان يڪجھتي جو اظھار ڪري ٿو.
ھن چيو تھ قدرتي آفتن کان بچاءَ جي اڳواٽ اطلاع جي ٽيڪنالوجي ۽ ڍانچن جي مضبوط ضروري آھي، تعميراتي شعبي ۾ حفاظتي قدمن کي شامل ڪري زلزلن سان ٿيندڙ تباھي کي گھٽ ڪري سگھجي ٿو.
ھن جو چوڻ ھو تھ پاڪستان ۾ آڪٽوبر 2005 جو زلزلو قومي يادداشت تي اڄ بھ نقش آھي، زلزلي سان 80 ھزار ماڻھو مارجي ويا، آزاد ڪشمير ۽ خيبر پختونخواھ جا 30 لک ماڻھو بي گھر ٿيا، 2005 سانحي ملڪ جي انساني، سماجي ۽ معاشي سطح تي گھرا اثر ڇڏيا، 2005 سانحو قوم جي حوصلي، اجتماعي عزم ۽ بھادري جي بھ ياد ڏياري ٿو.
وزيراعظم چيو تھ ملڪ ۾ قابليت وڌائڻ ۽ عوامي آگاھي حڪمت جي ترجيحن ۾ شامل آھي، جنھن تحت ڪميونٽي فرسٽ ريسپانڊرز جي تربيت، پاڪستان اسڪول سيفٽي پروگرام جي ذريعي نصاب ۾ آفتن بابت تعليم جي شموليت ۽ جغرافيائي معلوماتي نظام ۽ سيٽلائٽ ماڊلنگ ۾ سيڙپڪاري ڪئي پئي وڃي.
شھباز شريف ان عزم جو ارادو ڪيو تھ حڪومت پاڪستان ھڪ محفوظ ۽ مضبوط مستقبل جي تعمير لاءِ پرعزم آھي ۽ عالمي برادري تي بھ زور ڏئي ٿي تھ گڏيل ذميواري جو مظاھرو ڪندي آفتن کي منھن ڏيڻ لاءِ اجتماعي ڪاوشن کي وڌيڪ مضبوط بڻايو وڃي.