قاضي احمد ۾ معصوم نياڻي سان مبينا زيادتي، جوابدارن جي گرفتاري لاءِ احتجاج

فہرستِ مضامین

دولتپور صفن (رپورٽ: محمد علي جوکيو) قاضي احمد ۾ معصوم نياڻي انيلا کوکر سان مبينا جنسي زيادتي واري واقعي جا جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف دولتپور صفن ۾ شهرين ۽ سياسي، سماجي ڌرين پاران احتجاجي ريلي ڪڍي وئي.

روشن سومرو، نذير ڏاهري، مسافر لاکو، مظھر شاهه ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪندڙن شاهي بازار کان ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو مظاهرو ڪيو.

مظاهرين الزام لڳايو ته غريب پورهيت خاندان جي معصوم نياڻي سان مبينا زيادتي ڪئي وئي، پر واقعي کي چار ڏينهن گذرڻ باوجود قاضي احمد پوليس اصل جوابدارن کي گرفتار ناهي ڪري سگهي.

مظاهرين وڌيڪ دعويٰ ڪئي ته متاثر نياڻي جي وارثن کي خاموش رهڻ لاءِ ڌمڪيون پڻ ڏنيون پيون وڃن.

احتجاج ڪندڙن ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي شهيد بينظير آباد کان مطالبو ڪيو ته واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي فوري طور گرفتار ڪري متاثر خاندان کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌائڻ جو اعلان ڪيو ويندو.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں