آمريڪا جي اڳوڻي نائب صدر ڪمالا هيرس غزا ۾ اسرائيلي فوج جي ڪاررواين کي روڪرائڻ لاءِ گهربل فوري ۽ اثرائتا قدم نه کڻڻ جو اعتراف ڪري ورتو آهي. هن اسرائيلي وزيراعظم بنيامين نيتن ياهو کي کليل ڇوٽ ڏيڻ تي ٽرمپ انتظاميا کي به ذميوار قرار ڏنو آهي.
ڏکڻ ڪوريا ۾ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي ڪمالا هيرس چيو ته آمريڪا ڪڏهن ڪڏهن انساني حقن ۽ عالمي قانون بابت پنهنجي اخلاقي ذميواري پوري ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو آهي، جنهن جو تازو مثال غزا ۾ اسرائيل جون خوفناڪ فوجي ڪارروايون آهن.
ڪمالا هيرس اعتراف ڪيو ته سندس ۽ اڳوڻي آمريڪي صدر جو بائيڊن جي انتظاميا کي غزا ۾ اسرائيلي فوجي ڪاررواين بابت وڌيڪ فوري ۽ اثرائتا قدم کڻڻ گهرجن ها.
هن چيو ته موجوده صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي انتظاميا به ان معاملي تي گهربل قدم کڻڻ ۾ ناڪام رهي آهي.
ڪمالا هيرس جا اهي بيان غزا ۾ جاري اسرائيلي فوجي ڪاررواين ۽ انهن کي روڪرائڻ ۾ آمريڪي انتظاميا جي ڪردار بابت اهم بحث کي ٻيهر اجاگر ڪن ٿا.